قوم کي ملڪي معيشت جي حوالي سان وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم کي ملڪي معيشت جي حوالي سان وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ معاشي صورتحال، مختلف منصوبن ۽ موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ڪابينا عالمي معاشي درجي ۾ بهتري تي معاشي ٽيم جي واکاڻ ڪئي. اجلاس جي ٻئي سيشن ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي قانون سازي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر توڙي ميمبرن جي مقرري تي صلاح مشورو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا نيشنل انشورنس ڪمپني جي سي اي او جي مقرري ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي مالي سال 20-2019 جي پراپرٽي بجيٽ جي منظوري ڏني. ڪابينا اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن ۽ نجڪاري بابت خاص ڪميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي سڌي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي، هاڻ قوم کي ملڪي معيشت بابت سٺيون خبرون ملنديون، عالمي ادارن طرفان پاڪستاني معيشت بابت هاڪاري رپورٽون اچي رهيون آهن. واضح رهي ته موڊيز انويسٽر سروس گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پاڪستاني حڪومت کي تصديق ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندڙ مقامي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير محفوظ قرضن جي درجي بندي بي ٿري ۽ آئوٽ لڪ کي ناڪاري مان مستحڪم ڪيو ويو آهي. موڊيز طرفان جاري بيان موجب آئوٽ لڪ ۾ اها تبديلي ادائيگين ۾ توازن، پاليسي ايڊجسٽمينٽ جي حمايت ۽ ڪرنسي جي لچڪ سبب سامهون آئي آهي، جيتوڻيڪ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي ۽ ان جي نئين سر تعمير ۾ وقت لڳندو پر اهڙا قدم ٻاهرين خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب ملڪ مالياتي معاملن ۾، گهڻي ڀاڱي قرضن جي سطح سان ڪمزور ٿي ويندا آهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي پاڪستان ۾ جاري مالي سڌارا قرضن جي استحڪام ۽ ليڪويڊيٽي بابت خطرن کي گهٽ ڪري ڇڏيندا. هوڏانهن وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته اها اڳڀرائي حڪومت طرفان ملڪي معيشت جي حوالي سان کنيل ڪامياب قدمن ۽ ڊگهي عرصي لاءِ مضبوط ترقي جو بنياد فراهم ڪرڻ جي عڪاسي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *