نيب جي چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ واري آرڊيننس کي سينيٽ ۾ رد ڪرائينداسين: پيپلز پارٽي جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته نيب جي چيئرمين جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ واري آرڊيننس کي سينيٽ ۾ رد ڪرائينداسين. اسلام آباد ۾۾ پي پي اڳواڻ شازيا مري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪدني نيئر بخاري چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جا مخالف ناهيون، ان مشين جي پٺيان جيڪي ماڻهون آهن اهي مسئلو آهن. هن چيو ته هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول 79 کان 85 ڊالر في بيرل آهي، ملڪ ۾ خسارو وڌي رهيو آهي، ناڻي وارو وزير وري اوڌر تي تيل وٺي خوش ٿي رهيو آهي. نيئر بخاري اهو به چيو ته هلندڙ مالي سال کان واپاري خسارو وڌڻ شروع ٿي ويو آهي، شيون ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر پيون ٿينديون وڃن ماڻهو تنگ ٿي پيا آهن. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان کائڻ پيئڻ جون شيون به مهانگيون ٿي وينديون آهن، مهانگائي جي خلاف پيپلزپارٽي جو احتجاج هلندڙ آهي. شازيا مري چيو ته بي رحم حڪمران هر 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽرول شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته گهٻرايو نه. هن چيو ته حڪمران عوام سان ڪوڙ مٿان ڪوڙ هڻي رهيا آهن، انٽرنيشنل سطح تي اگهن ۾ 40 سيڪڙو اگه وڌيڪ اوڳاڙيا پيا وڃن. پي پي اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، حڪومت پيٽرول شين جا وڌايل اگهه واپس وٺي. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي برطرف ٿيل ملازمن سان گڏ بيٺل آهي، برطرف ملازمن کي نظرثاني جي اپيل جي فيصلي تائين نه ڪڍيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال کي رد ڪري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *