ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري ته کين معاف ڪري ڇڏينداسين: عمران خان

ڪراچي(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ مشروط معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ٽي ٽي پي ھٿيار ڦٽا ڪري تھ کين معاف ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم عمران خان ترڪ نشرياتي اداري ٽي آر ٽي ورلڊ کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ٽي ٽي پي کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، ڳالهين لاءِ افغان طالبان ٽياڪڙي ڪري رھيا آھن. انٽرويو دوران عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان ٽي ٽي پي جي ڪجهه گروپس سان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپس حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپس ڳالهين لاءِ تيار آهن. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ ٽي ٽي پي جي گروپس سان افغانستان ۾ ڳالهيون هلن پيون، ٽي ٽي پي وارا هٿيار ڦٽو ڪندا ته معاف ڪنداسين، ٽي ٽي پي کي عام شهرين جيان رهڻو پوندو، سدائين چيو آهي ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل ناهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ ٽيڪس جي مد ۾ هڪ هزار 395 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪئي آهي. پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ ايف بي آر جي روينيو ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن تي هو قوم کي مبارڪون ڏيئي ٿو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن فيڊل بورڊ آف روينيو بيان جاري ڪيو هو ته هلندڙ مالي سال جي ٽه مهينن ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 38.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايف بي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب جولاءِ کان آگسٽ تائين ٽيڪس وصولين جو هدف هڪ هزار 211 ارب رپيا هو. ايف بي آر چيو ته پهرين ٽي مهينن جي ٽيڪس وصوليون ظاهر ڪن ٿيون ته ايف بي آر 5 هزار 829 ارب روپين جو هدف با آساني پورو ڪندو، صرف سيپٽمبر جي مهيني ۾ 31.2 سيڪڙو اضافي سان 535 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪئي وئي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *