سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن صحافين لاءِ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سنڌ چيپٽر جي سيڪريٽري جنرل حامد شيخ جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني سان سندس آفيس ۾ملاقات ڪئي، ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف جنرلسٽس جي صدر آفتاب ميمڻ، سينيئر صحافي ۽ اڳوڻي صدر پريس ڪلب محمد حسين خان ۽ سينيئر صحافي ۽ ڪي يو جي اڳوڻي صدر حسن عباس پڻ ان سان گڏ هئا. ملاقات ۾ حيدرآباد ۾ صحافين کي درپيش مسئلن خاص طور تي صحافين لاءِ حصول جي بعد درپيش مسئلن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي حامد شيخ ۽ وفد جي ٻين ميمبرن صوبائي وزير سعيد غني جو شڪريه ادا ڪيو ۽ چيو ته توهان جي وزارت ۾ ماشاءالله اهو کاتو ماضي ۾ پڻ صحافين جي حوالي سان مددگار رهيو آهي ۽ انشاء الله اڳتي به پڻ رهندو. ان موقعي تي وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي آزادي صحافت تي يقين رکندي آهي ۽ هر ان جي دور ۾ جڏهن پيپلز پارٽي حڪومتن ۾ آئي آهي صحافين جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ خاص قدم ڪيا آهن. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه هر پليٽ فارم تي آزادي صحافت لاءِ آواز بلند ڪئي ۽ ان جي بعد صدر آصف علي زرداري ۽ هاڻي چيئرمين بلاولڀٽو زرداري پڻ انهيءَ ويزن کي اڳتي هلائي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن صحافين لاءِ وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي، چاهي اهي صحافين جا مالي مسئلا هجن يا انهن جا رهائش جا مسئلا هجن، هن وفد کي يقين ڏياريو ته هو انهن جي سمورن جائز مطالبن کي هو نه صرف تسليم ڪندا آهن بلڪي ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ هو قدمن کي يقيني بڻائيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *