نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ”گرفتاري وارنٽ“ جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زراري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، اڳوڻي صدر جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ جون تائين ضمانت حاصل ڪري رکي آهي. نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ منظور ڪندي موقف اختيار ڪيو ته هو ميگا مني لانڊرنگ جي جاچ ۾ گهربل آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ڏهه جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر جي ضمانت بابت ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ گرفتاري وارنٽ پيش ڪيا ويندا. ٻڌايو پيو وڃي ته نيب کي آصف زرداري کان ميگا مني لانڊرنگ جاچ ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *