روينيو بورڊ کي ايندڙ سال بجلي ورڇ ڪندرن ڪمپنين کان اليڪٽرسٽي ديوٽي گڏ ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ريوينيو بورڊ (ايس آر بي) کي اهو اختيار ڏنو آهي ته هو ايندڙ مالي سال کان پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کان اليڪٽرسٽي ڊيوٽي گڏ ڪري ۽ گذريل سالن جي اڪائونٽن جي ريڪنسائيل ۽ آڊٽ لاءِ سٺي ساک جي حامل آڊيٽرن کي تعينات ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. هن اهو فيصلو اڄ جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير انرجي امتياز شيخ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه، سيڪريٽري انرجي مصدق خان، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سال 16-2015  ۾ صارفين کان ڪي اليڪٽرڪ جي رقم ۾ باقي سالن کان وٺي هن سال تائين لازمي واڌ ٿيو آهي پر اسان کي اڃان تائين ان جو هڪ پيسو به نه مليو آهي. هن صوبائي وزير انرجي کي هدايت ڪئي ته هو پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنين، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي اڪائوڻٽن جي آڊٽ لاءِ آڊيٽر تعينات ڪري ۽ ان حوالي سان اهو ڪم ڪيو وڃي ته اهي ادارا سنڌ حڪومت کي رقم ادا ڪن. وڏي وزير صوبائي وزير انرجي امتياز شيخ ، صوبائي سيڪريٽري انرجي مصدق خان ۽ سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي به جوڙي آهي جيڪا گورنر اسٽيٽ بينڪ سان اجلاس ڪندي ۽ ان کي درخواست ڪندي ته هو ڪمرشل بينڪن کي هدايت ڪري ته اهي بجلي جا بل گڏ ڪن ٿا ته انهيءَ مان اليڪٽرسٽي ڊيوٽي سڌوسنئون سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ گڏ ڪرائين. انهيءَ سان گڏوگڏ، ايس آر بي پنهنجي قانون ۾ ترميم کانپوءِ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين سان سڌو سنئون ڊيل ڪندي. وڏي وزير ايس آر بي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي قانون ۾ ترميم تجويز ڪري ته جيئن انهيءَ کي اليڪٽرسٽي ڊيوٽي جمع ڪرڻ، آڊٽ، اليڪٽرسٽي ڊيوٽي اڪائونٽن کي ري ڪنسائيل ڪرڻ بابت مجاز بڻائي سگهجي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بورڊ آف ريونيو سان هڪ الڳ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ اي-اسٽيمپ ڊيوٽي واري منصوبي جي منظوري ڏني جنهن جو ايندڙ سال شروعات ڪئي ويندي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ريونيو محبوب الزمان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو شمس سومرو، سيڪريٽري خزانو نجم شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته کيس سالاني ڪليڪشن 10 ارب رپيا ٿي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته اسٽيمپ ڊيوٽي جي مد ۾ چوري ٿي رهي آهي ڇو ته اهو ڪم مينوئيل طريقي سان ٿي رهيو آهي. هن صوبائي وزير روينيو کي هدايت ڪئي ته اهو اي_اسٽيمپ ڊيوٽي شروع ڪري انهيءَ سان کيس ڪليڪشن ٻيڻي ٿي ويندي. صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان وڏي وزير کي ٻڌايو ته نادرا سان صلاح مشورو ڪيو ويو آهي ته هو اي_اسٽيمپ ڊيوٽي شروع ڪري. ان تي وڏي وزير چيو ته جيستائين نادرا بورڊ آف روينيو لاءِ سافٽ ويئر تيار نه ڪندو تيستائين پنجاب حڪومت جهڙي ريت اي_اسٽيمپ ڊيوٽي سسٽم متاعرف ڪرايو آهي انهيءَ ڏسندي ڪم شروع ڪيو وڇي. سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايف بي آر نان فائلرز لاءِ 4 ملين رپين کان وڌيڪ املاڪ جي خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، هن چيو ته انهيءَ پابندي سبب به گهڻو فرق پيو آهي. وڏي وزير چيئرمين ايس آر بي کي هدايت ڪئي ته هو سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو سان گڏجي روينيو جمع ڪرڻ خاص طور زرعي ٽيڪس ۾ واڌ بابت معاملن جو جائزو وٺي ۽ طريقي ڪار وضع ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *