حڪومت سليڪٽڊ اپوزيشن ۽ سليڪٽڊ جج چاهي ٿي: بلاول زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت سليڪٽڊ اپوزيشن ۽ سليڪٽڊ جج چاهي ٿي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جيڪو پارليامينٽ ۾ ٿيو جمهوريت ناهي پر آمراڻو طريقو آهي،  حڪومت اپوزيشن جي ڪنهن به اڳواڻ کي ڳالهائڻ نه ڏنو، اسلام آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ پرامن ماڻهن تي حملو ڪيو ويو،  ٻن اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان جي عورت ايم اين اي تي تشدد ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ حساس معاملا هلي رهيا آهن، حڪومت مشرف جو طريقو اختيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته علي وزير جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن، حڪومت ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجو خط کين نه مليو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *