نيب آغا سراج دراني ۽ پي آءِ اي سميت وڏن ڪيسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) نيب ميگا ڪرپشن جي وڏن ڪيسن کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي آهي جن ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، قومي ايئر لائين پي آءِ اي، ڪرپشن ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائڪل جا ڪيس شامل آهن ڄاڻايل ڪيسن جا ريفرنسز نيب جي چيئرمين جي منظوري کان پوءِ داخل ڪيا ويندا ڪراچي ۾ ڊي جي نيب جي صدارت هيٺ نيب ڪراچي جي رينجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب ڪراچي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت ٻين جي خلاف سفارشن جي منظوري ڏيئي ڇڏي ڪامران مائيڪل ۽ پي آءِ اي بابت سفارشن جي منطوري به ڏني ويئي پڌرنامي مطابق نيب ڪراچي سفارشون نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد منظوري لاءِ موڪلي ڇڏيون آهن ان کان سواءِ قومي ايئر لائين جي هڪ ٻئي ڪيس جي انڪوائري جي منظوري گهري ويئي آهي نيب ذريعن موجب آغا سراج دراني مائٽن ۽ ملازمن جي نالي تي 1.6 ارب جا اثاثا ٺاهيا ڪامران مائيڪل 11 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي ۽ ڪي پي پي هائوسنگ سوسائٽِ ۾ بنا نالي ماڻهن جي نالي تي پلاٽنگ ڪئي اهڙي طرح پي آ3 اي جا ٻه وڏا ڪرپشن ڪيس فائنل ڪيا ويا آهن هڪ ڪيس انتظاميه پاران اي ٽي آر جهاز کي غيرقانوني طور گرائونڊ ڪرڻ جو آهي جواز گرائونڊ ٿيڻ سان پي آءِ اي کي ڪروڙين جو نقصان ٿيو جڏهن ته جهاز کي مرمت جي ذريعي استعمال لائق بڻائي سگهجي پيو ٻيو ڪيس پي آ3 اي پاران پرائيويٽ لاجسٽڪ ڪمپني سان غيرقانوني معاهدي جو آهي معاهدي جي ڪري پي آءِ اي کي ڪروڙن جو نقصان ٿيو. هڪ ٻيو ڪيس حنيد ايسوسيئيٽس ۽ روني هائوسنگ پراجيڪٽ جو آهي جنهن ۾ عوام سان فراڊ ڪيو ويو پروجيڪٽس ۾ 104 الاٽيز کي 60 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو ڪمپني 1979 کان هن وقت تائين الاٽيز کي قبضو ڏيڻ ۾ ناڪام رهي نيب ايم ايس حنيد ايسوسيئيٽس جي خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *