پوليس حڪومت آڏو جوابده آهي، چاهيون ٿا ته سٺي پوليسنگ ٿيڻ گهرجي: وڏو وزير

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ ڪابينا پوليس آرڊر 2002 وارو ترميمي قانون قانونسازي لاءِ سنڌ اسيمبلي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جي اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير ڪابينا کي نئين قانون لاءِ بريفنگ ڏيندي چيو ته پوليس جي نئين قانون جو بنياد 2002 جي پاليسي تي ٿيڻ گهرجي، امتياز شيخ چيو ته سول سوسائٽي جي بنيادي پٽيشن به پوليس آرڊر 2002 جي بحالي لاءِ هئي. هن چيو ته اسان پوليس قانون بابت قانونسازي ڪري سگهون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سٺي پوليسنگ ٿيڻ گهرجي، سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته پوليس عوام دوست هجي ۽ عوام جي تحفظ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري، قانون ٺاهڻ اسيمبلي جو ڪم آهي، جنهن بعد ڪابينا پوليس جو 2002 وارو قانون ڪجهه ترميمن سان گڏ اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير چيو ته اسيمبلي هڪ موڊريٽ پوليس قانون ٺاهڻ چاهي ٿي، نئون قانون هڪ پروگريسو لا هوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پوليس حڪومت آڏو جوابده آهي. آءِ جي سنڌ نئين قانون بابت اسيمبلي کي بريفنگ ڏيندو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته 2002 پوليس آرڊر تحت آءِ جي پوليس پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر بڻجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *