لاڙڪاڻي ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ذميوار ڊاڪٽر قرار پاڪ

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن ۽ وائرس پکڙجڻ جو ذميوار ڊاڪٽر کي قرار ڏنو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ صحت کاتي جي اختيارين ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پاڻ ايڊز جو مريض آهي، هن انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجو مرض مبينا طور ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ۾ منتقل ڪيو، ڄاڻي واڻي هڪ ئي سرنج استعمال ڪري مريضن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس داخل ڪيو ويو. ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي جو چوڻ آهي ته ڊي سي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ قمبر، ٻن اي ايس پيز سميت 5 آفيسر شامل هوندا، جي آءِ ٽي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ جي گڏيل جاچ ڪندي. هوڏانهن سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ موجب 15 ڄڻن ۾ ايڊز جي تصديق کانپوءِ رتيديري ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 39 ٿي ويو آهي، جن ۾ 22 ٻار به شامل آهن، 5 ڏينهن دوران 1100 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ايڊز پکڙجڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ ٽيم ايندڙ هفتي رتيديري ويندي. ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق ٻڌايو ته تعلقي اسپتال ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهري جي غفلت سبب ايڊز پکڙيو، رتيديري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر مظفر جي مريضن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي پازيٽو آيو ۽ ڊاڪٽر پاڻ به ايڇ آءِ وي جو متاثر آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر مظفر گهانگهري کي سنگين غفلت ۽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ استعمال ٿيل سرنجون ٻارن کي ٻيهر لڳائڻ جي الزام اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت جوابدار جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مظفر سمورا الزام رد ڪندي چيو ته سنڌ ايڊز ڪنٽرول جي ٽيم پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ الزام هڻي رهي آهي، جيڪڏهن مان ايڊز جو شڪار هجان ها ته پنهنجو علاج نه ڪرايان ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *