”الف“ جهڙا مذهبي ڊراما ٺاهيندس: حمزا علي عباسي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي اداڪار حمزا علي عباسي جو چوڻ آهي ته هو مقبول ڊراما سيريل “الف” جهڙيون دستاويزي فلمون توڙي ڊراما ٺاهيندو. گذريل سال اداڪاري ڇڏيندڙ اڳوڻي اداڪار حمزا علي عباسي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن کي ان بابت ٻڌايو ته هو مستقبل ۾ ڪهڙيون فلمون ۽ ڊراما ٺاهيندو. حمزا علي عباسي چيو ته الف منهنجو پهريون قدم آهي جنهن مون کي مذهبي مواد ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. الف منهنجو پهريون پراجيڪٽ آهي جيڪومان ان لاءِ ڪيو جو هن ۾ الله جو پيغام آهي. هن چيو ته مان پنهنجون خدمتون اهڙي ئي مواد ٺاهڻ ۾ سر انجام ڏيڻ چاهيان ٿو ڇو ته فلم سازي ۽ سينماگرافي وغيره به ميڊيا جو هڪ حصو آهي ۽ مان ان جي ذريعي الله جو پيغام ماڻهن تائين پهچائيندس. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار ميڊيا آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *