نور مقدم ڪيس: هي اهو انصاف آهي جنهن جي اميد پاڪستاني عوام ڪندي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي وزير فواد چوڌري نور مقدم ڪيس فيصلي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هي آهي اهو انصاف جنهن جي اميد پاڪستاني عوام ڪندي آهي. سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نور مقدم ڪيس ۾ پوليس ۽ پراسيڪيوشن ذميواري پوري ڪئي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته عدالت 4 مهينن کان فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي هي آهي اهو انصاف جنهن جي اميد پاڪستاني عوام ڪندي آهي.هن چيو ته اميد آهي ته انصاف سان جڙيل ادارا عوام جي اميدن تي پورا لهندا ۽ رول آف لا لاڳو ٿيندو. واضح رهي ته اسلام آباد جي مقامي عدالت نور مقدم قتل ڪيس جي مُک جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ان جي والد ذاڪر جعفر ۽ والده عصمت آدم کي بري ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *