شاهه محمود جي روسي پرڏيهي وزير سان ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(م.ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ماسڪو ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفد سان گڏ روسي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزيرن پاڪ روس ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا آهستي آهستي مضبوط ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ علائقائي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ايجنڊا تي به عمل ڪيو پيو وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *