شوق سان بي اعتمادي رٿ نھ پيا آڻيون، ھنن تي ڇڏيو تھ ملڪ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندو: آصف زرداري

شوق سان بي اعتمادي نھ پيا آڻيون، ھنن تي ڇڏيو تھ ملڪ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندو: آصف زرداري

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق ۽ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ آئيني بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ پي ٽي آئي جي نااهلي ۽ غلط پاليسين جي ڪري 22 ڪروڙ عوام جون زندگيون عذاب ٿي ويون آهن حالتون اهڙيون رهيون ته ملڪ وڌيڪ پٺتي ۽ تباهي طرف ويندو مهانگائي بيروزگاري کان تنگ عوام هن سيٽ اپ کان نجات چاهي ٿو حڪومت پوڻن چئن سالن ۾ ادارن کي تباهه ڪيو ۽ ڪوڙن واعدن سان قوم کي ڌوکو ڏنو حڪومت پارليامينٽ کي پاسي تي رکندي غير جمهوري ۽ غير آئيني طريقن سان اهڙا قانون پاس ڪرايا جنهن جي ڪري ملڪ جي خودمختياري، سالميت ۽ قانون جي بالادستي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي سخت متاثر ٿي حڪومت بحرانن کي گهٽائڻ ۽ سنجيدگي اختير ڪرڻ بدران سمورون ڪوششون اپوزيشن کي حدف بنائڻ تي لڳايون بلدياتي ۽ جنرل اليڪشن شفاف ٿيڻ گهرجن ملڪ جمهوري قدرن جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کان سواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي. ٻنهي اڳواڻن جي منصوره ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، اپوزيشن پاران تجويز ڪيل بي اعتمادي رٿ ۽ علائقائي صورتحال تي اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ان کان اڳ سراج الحق آصف علي زرداري کي منصوره اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو ملاقات ۾ نائب امير لياقت بلوچ پرويسر محمد ابراهيم، ڊاڪٽر فريد پراچا، ميان اسلم، راشد نسيم، جنرل سيڪريٽري اميرالعظيم محمد حسين محنتي، ڪيسر شريف ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد اصغر موجود هئا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ۾ راجا پرويز اشرف، رخسانه بنگش ۽ ٻيا شامل هئا ان موقعي تي يوسف رضا گيلاني جو ڀيڻووو ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي معفرت جي دعا ڪئي وئي جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ لياقت بلوچ ۽ راجا پرويز اشرف ميڊيا کي بريفنگ ڏني لياقت بلوچ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي ٻين اڳواڻن کي منصوره اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو ته پيپلزپارٽي بي اعتمادي رٿ تي جماعت اسلامي جي حمايت گهري آهي جڏهن ته جماعت اسلامي ان تي صلاح مشوري کان پو3 فيصلو ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي جي مجلس عامله ۽ مجلس شوري جو اجلاس هلندڙ هفتي ئي گهرايو ويو آهي جنهن ۾ آئينده جي لائحه عمل تي صلاح مشوري سان حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي هن چيو ته سراج الحق آصف زرداري کي ٻڌايو ته جماعت اسلامي آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي ۽ ڪنهن به آئين کان مٿانهين قدمن جي حمايت نه ڪندي هن چيو ته سياسي پارٽين وچ ۾ رابطا سٺي ڳالهه آهي هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ ٻيا سينيئر اڳوان به منصوره جو دورو ڪري چڪا آهن راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلزپارٽي 27 فيبروري کان حڪومت مخالف لانگ مارچ ڪري رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *