نواز ليگ قبضا مافيا آهي ۽ قبضا مافيا خلاف آپريشن جاري رهندو: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان حددخلين ۽ قبضن جي خلاف آپريشن تي پنجاب حڪومت کي شاباش ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ قبضا مافيا هڪ ئي آهن قبصا مافيا جي خلاف آپريشن جاري رهندو قبصا مافيا کي نه ڇڏينداسين خميس تي حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ وزيراعطم عمران خان کي اوقاف پاران قبضا مافيا تي بريفنگ ڏني ويئي عمران خان چيو ته قبضا مافيا کي نه ڇڏينداسين ان جي قبضن بابت وڌيڪ شيون به آڏو اينديون هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻاهران فنڊنگ وٺندو رهيو مولانا کي جواب ڏيڻو پوندو ڪوئي قانون کان مٿانهون نه آهي هنن ماڻهن اسان تي ڪيس ڪيو پر پاڻ ڦاسي پيا آهن وزرياعطم چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ صوڀ ماڻينداسين چاهيون ٿا ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿين ذريعن موجب اجلاس ۾ شهزاد اڪبر قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائين تي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته خرم دستگير کان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو قبضو ڇڏايو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل، براڊ شيٽ، قبضا مافيا سميت اهم معاملن تي بريفنگ ڏني ويئي ذريعن موجب اجلاس ۾ حڪومتي ترجمانن راءِ ڏيندي چيو ته مريم نواز گهر جو راز پنهنجي گهر جو ماڻهو ئي ٻڌائڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي هو اهڙون ڳالهيون ٻڌئي رهي آهي جنهن بابت اسان کي ڄاڻ نه هئي شهباز گل ٽرانسپيرنسي انترنيشنل تي ترجمانن کي بريفنگ ڏني وزيراعطم ٽرانسپيرنسي انترنيشنل جي رپورٽ جي آجيان ڪئي وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 18-2017 جو ڊيٽا حاصل ڪيو جڏهن هي اردو ترجمو ڪرائينداسين ته کين پتو پئجي ويندو عمران خان چيو ته جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد ئي براڊ شيٽ جي جاچ ڪندو هو سٺي ساک رکڻ وارو جج آهي نيب ۾ جڏهن هو زرداري خلاف انڪوائري ڪري رهيو هو تڏهن (ن) ليگ خوش هئي ذريعن مطابق فرخ حبيب حڪومتي ترجمانن کي پابندي پيل فنڊنگ جي معاملي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *