لڳي ٿو ته جمهوريت ترجيح ئي ناهي رهي، بظاهر اليڪشن ڪميشن فارغ ويٺي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ئي ناهي رهي. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ واري معاملي تي اٽارني جنرل، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي فوري طور طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته مڪاني چونڊون ڇو پيون ڪرايون وڃن، عوام کي جمهوريت کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي، مڪاني چونڊون نه ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن پنهنجو حلف ناهي ڏٺو، ڇا چيف ليڪشن ڪمشنر آئين ناهي پڙهيو، ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ناهي پڙهيو، اٽارني جنرل ڪٿي آهي، اٽارني جنرل جيڪڏهن وزير اعظم سان گڏ آهي ته هن کي ٻڌائي آئين وڌيڪ اهم آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو ته ان دوران اٽارني جنرل خالد جاويد، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر سپريم ڪورٽ پهچي ويا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ئي ناهي رهي. اٽارني جنرل جاويد جواب ڏنو ته جمهوريت ئي پهرين ترجيح آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجو حلف ياد ڪرائڻ چاهيون ٿا، عدالت صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو حڪم ڏنو هو، ڇا توهان مڪاني چونڊن جي باري ۾ حڪومت کي آگاهه ڪيو، ڇا معاملو ڪابينا جي آڏو آندو ويو، عدالت چاهي ٿي ته هر هڪ پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري. اٽارني جنرل ٻڌايو ته معاملو ڪابينا جي آڏو رکڻ جي ضرورت ناهي، منهنجي مشوري تي ئي حڪومت اسلام آباد جي ميئر بابت نوٽيفڪيشن واپس ورتو هو. سپريم ڪورٽ الڪيشن ڪميشن کان پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول طلب ڪندي هدايت ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ميمبرن سان گڏ ميٽنگ ڪري جنهن ۾ اليڪشن شيڊول جو معاملو ڊسڪس ڪيو وڃي، ميٽگ منٽن تي اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ 4 فيبروري تي جمع ڪرائي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *