اومني گروپ سميت ڪراچي ۾ 30 ڪمپنين جون بي نامي ملڪيتون ظاهر، ايف بي آر ضبط ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(م.ڊ) ايف بي آر پاران قائم ڪيل بي نامي زون ٿري پاران ڪراچي ۾ ڪاررواين لاءِ لسٽون تيار، 8 جولاءِ کان اومني گروپ سميت 30 ڪمپنين ۽ عام ماڻهن جي نالي سان موجود /ملڪيتون بي نامي ڄاڻائي ضبط جي منظوري ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران شروع ڪيل ايمنسٽي اسڪيم جي مقرر ڪيل تاريخ 3 جولاءِ تي ختم ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ بي نامي زون ٿري باضابطه طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بي نامي زون ٿري جي ڪمشنر سيد شڪيل احمد پنهنجي ٽيم سان ايف بي آر بلڊنگ جي فرسٽ فلور تي قائم ٿيل بي نامي زون ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ايف بي آر جي ڊپٽي ڪمشنر سيد بلال محمود جعفري ۽ سيد مشڪور علي توڙي اسٽنٽ ڪمشنر رضي الحق قريشي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، ذريعن موجب ڪمشنر کي سندس ماتحت عملدارن ٻڌايو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه بااثر ماڻهن جون ملڪيتون عام ماڻهن جي نالن تي آهن، جڏهن ته اومني گروپ جا مختلف ڪمپنين ۾ شيئر، ڊفينس ۾ پلاٽ ۽ ڪجهه گاڏيون پڻ آهن، جن کي شروعاتي طور نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪمشنر پاران ايندڙ هفتي کان نوٽيس جاري ڪيل 30 ڪمپنين سميت اومني گروپ جي شيئر هولڊر ڪمپنين جي ڊائريڪٽرز کان جواب نه ملڻ جي صورت ۾ سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، اهڙي منظوري بعد 8 جولاءِ کان ايف بي آر بي نامي زون ٿري پاران بي نامي ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *