نواز شريف عدليا مخالف تحريڪ هلائيندو ته اسان آئين جي حق ۾ تحريڪ جو اعلان ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف تاريخ ٻڌائي ڪڏهن عدليا خلاف تحريڪ جو اعلان ڪندو، جنهن ڏينهن هو عدليا مخالف تحريڪ جو اعلان ڪندو، ساڳي ڏينهن اسان آئين جي حق ۾ تحريڪ جو اعلان ڪنداسين. صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حديبيا پيپرز مل فيصلي سان شهباز شريف کي فائدو ٿيو، نواز شريف ان فيصلي مان خوش ناهي، نواز شريف توهان جو ڀاءُ شهباز ۽ چوڌري نثار توهان سان گڏ ناهن، اسان توهان جيان گهٽ ۾ گهٽ ملڪ جي ناڻي کي اي ٽي ايم ناهي سمجهيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ايم ڪيو ايم لنڊن جي رستي تي هلي رهيو آهي، اسان جهانگير ترين بابت فيصلي مان مطمئن ناهيون پر عدليا تي چڙهائي نه ڪنداسين. هن چيو ته تڪ بندين جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي ٽن مهينن ۾ تڪ بندين جو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ آئيني ترميمي بل جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ڊاڪٽر طاهر القادري جي مطالبي جي به حمايت ڪيون ٿا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *