اسلام آباد پوليس  ۾ مذهب، لسانيت ۽ صوبائي تعصب نه هجڻ گھرجي : گھرو وزير

اسلام آباد (اين اين آءِ) گھرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسلام آباد پوليس ۾ مذهب لسانيت ۽ صوبائي تعصب نه هجڻ گھرجي ميڊيا کيسيڪيورٽي آپريشن جي سڌيڪوريج کان پاسو ڪرڻ گھرجي ، ڏوهن سان مقابلي جي لاءِ ميڊيا سان گڏجي نئون ضابطه اخلاق بڻائنون پوندو، دهشتگردن جي ڪوريج بدران معاشري جي هاڪاري مسئلن کي اٿارڻون پوندو. ميڊيا پوليس جي ڪارڪردگي جي احتساب سان  گڏ سيڪيورٽيءَ جي گھرجن جو به خيال رکڻون پوندو. مسجدن ۾ نمازين، بازارن ۽ تعليمي ادارن ۾ مشقوڪ ماڻهن ۾ نظر رکڻي پوندي اڱاري تي گھرو وزير احسن اقبال پوليس لائين ۾ پوليس دربار کي خطاب ڪندي چيو ته ڇهن مهينن ۾ ڇهن سالن جو ڪم ڪرڻ ڇاهيان ٿو هن چيو ته پوليس جو بهتر معاشرو اڏڻ ۾ خاص ڪردار هوندو آهي ، هن چيو ته جڏهن ڪنهن معاشري ۾ امن نه هجي ته ان معاشري جي رزق ۾ برڪت ناهي رهندي امن جيڪڏهن به هجي ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگھي. امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ سان پوليس جو ڪرادار خاص اهميت وارو آهي هن چيو ته پوليس راتين جون ننڊون ڦٽائي عوام کي سڪون ڪرڻ جو  حق ڏئي ٿي، هن چيو ته عيد جي ڏينهن به ٿاڻن ۽ رستن تي ڊيوٽي ڪندي نظر ايندا آهن. هن چيو ته پوليس جي فرض ۽ ڪم معاشري جي لاءِ اهميت وارو آهي هن چيو ته پوليس جون خدمتن ۽ قربانين تي اسانکي ناز آهي، گھرو وزير  ٻڌايو ته پوليس جي اصلاح لاءِ ستر سالن کان  ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته نئين آءِ جي پوليس جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد جي پوليس هڪ مثالي پوليس ثابت ٿيندي، احسن اقبال چيو ته مونکي گھرو وزارت جو منصب مونکي ملڪي حالتن ۾ تبديلين لاءِ ڏ نو ويو. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ڇهن مهينن ۾ ڇهن سالن جو ڪم ڪري سگھان.  هن چيو ته اسانکي پوليس کي عوامي خدمتگار سان گڏ پيشيواراڻا صلاحيتن کي به وڌائڻو آهي هن چيو ته ميڊيا جي آزادي وڏي ذميواري به آهي ۽ ميڊيا کي سيڪيورٽي اپريشن جي سڌي ڪوريج کان پاسو ڪرڻ گھرجي.  گھرو و زير چيو ته دهستگرد پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا اسلام آباد پوليس کي ان پاڪستانيت جو مثال بڻجڻ گھرجي جيڪو هڪ خاندان جو مثال هجي، گھرو وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۾ مذهبي لسانيت ۽ صوبائي تعصب نه هجڻ گھرجي ، عورتن ۽ ٻارڙن بابت ڏوهن تي به زيرو ٽالرنس هجڻ گھرجي، اسلام اسان کي عورتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو، عورتن تي تشدد ڪندڙ مرد ڪنهن رعائت جي مستحڪ ناهن ٻارڙا قوم جو مستقبل آهن انهن  جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهون به رعائت جي مستحڪ ناهن.  گھرو وزير چيو ته  ماڊل پوليس اسٽيشنن ۾ جديدميس ۽ ليڪچر هال به هجڻ گھرجي ، پوليس جي هر گاڏي سان ڪيمرا هجڻ گهرجي تي لائيو فوٽيج سيف سٽي ٿاڻي کي ڏئي سگھجي هن چيو ته پوليس جي ويلفيئر جي حوالي سان اسلام آباد جي پوليس ڪنهن به صوبي جي پوليس کان گھٽ نه هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *