جهانگير ترين جي نااهلي پي ٽي آءِ جي ديانتداري جا پول کولي ڇڏيا: قمر زمان ڪائرا

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ڪو چاهي پيو ته چونڊون جلد ٿين ۽ ڪو چاهي پيو ته دير سان ٿين، عمران خان کي چونڊن جي ڏاڍي تڪڙ آهي، پ پ جي خواهش آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، فيصلو رڳو عوام جي ووٽ سان ٿيندو. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته عدالت تحريڪ انصاف سربراهه کي شڪ جو فائدو ڏنو آهي، عمران خان ڪرپٽ ماڻهن کي گڏ ڪري ڪهڙو نئون پاڪستان ٺاهي رهيو آهي، جهانگير ترين جي برطرفي پي ٽي آءِ جي ديانتداري جو پول کولي ڇڏيو. هن چيو ته هر دور ۾ پ پ جو احتساب ٿيو، پ پ 40 سالن کان احتساب کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪيسن ۾ ڪامياب ٿياسين، اسان تي الزام لڳائيندڙ اڄ دربدر ٿي رهيا آهن، شهيد بي بي تي نواز شريف ڪوڙا ڪيس ڪيا، اڄ پ پ قيادت تي ڪوڙا ڪيس ڪندڙن جو خاندان عدالت ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مخالفن جا وات بند ڪري ڇڏينداسين.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *