نواز شريف عدالتن ۾ سڌارا نٿو چاهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف عدالتن ۾ سڌارا نٿو چاهي. لاهرو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي انساني حقن جو تحفظ حاصل هجي. هن چيو ته عاصمه جهانگير سمورن ماڻهن لاءِ هڪ جهڙو ماحول پئي چاهيو ۽ ترقي پسند پاڪستان جي حامي هئي. هن چيو ته ترقي پسند شهر لاهور دنيا لاءِ مثال هو پر اڄ اهو شريفن جي هٿن ۾ اچي ويو آهي، عوام کي پرامن ۽ ترقي پسند لاهور واپس ڏيارينداسين.  بلاول مسلم ليگ ن جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ن ليگ عدالتن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهي ٿي، شهباز شيرف ۽ سيف الرحمان ججن کي ڌمڪيون ڏنيون، اسان عدالتن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ووٽ جي تقدس واري ڳالهه مذاق آهي، نواز شريف پارليامينٽ جو سهارا ان وقت ورتو جڏهن هو 4 سالن تائين وزير اعظم هو پر هن وقت هو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ نه ايندو هو.  چيئرمين هن چيو ته آئين پارليامينٽ کان مٿانهون آهي پر پارليامينٽ ئي آئين کي بڻائيندو آهي ۽ تبديل ڪري سگهي آهي. هن چيو ته خبر آهي ته پارليامينٽ وٽ ڪيترا اختيار آهن ۽ اسان چونڊ سڌارا به چاهيون ٿا پر نواز شريف جي ارادن تي شڪ آهي، ڪير به اڪيلي سر عدالتي سڌارا نٿو ڪري سگهي، ان ڪري گڏجي ويهڻو پوندو. هن چيو ته نواز شريف  جو مخالف ڌر وارو ڪردار ادا ڪرڻ ڪنهن به ريت جائز ناهي ڇو ته ن ليگ وٽ وفاق، پنجاب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت آهي، وفاقي حڪومت روئڻ بند ڪري ۽ پنهنجو ڪم ڪري. نيب جي حوالي سان بلاول جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ پنجاب جي سياستدانن ۾ فرق ڇو ڪيو ويندو آهي، نيب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي فوري گرفتار ڪندو آهي. نقيب الله ڪيس ۾ مفرور اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته مون کي خبر ناهي ته رائو انوار ڪٿي آ پر سنڌ حڪومت رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته خبر ناهي رائو انوار اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڪيئن هليو ويو پر اڄ به ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مري رهيا آهن ۽ حڪومت ڪوڙن مقابلن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪري رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *