فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس اجلاس: پاڪستان تي دهشتگردي جو ليبل لڳائيندڙ آمريڪي ڪوشش ناڪام

پيرس (ويب ڊيسڪ) وفاقي پرڏيهي وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته پيرس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پاڪستان تي دهشتگردي جو ليبل لڳائيندڙ آمريڪي ڪوشش ناڪام ٿي وئي ڇو ته واچ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ڪرائڻ جي ٺهراءَ تي اتفاق نه ٿي سگھيو ۽ معاملو 3 مهينن لاءِ ملتوي ڪيو ويو. عالمي اداري ايف اي ٽي ايف جو ڇهه ڏينهن جو اجلاس پيرس ۾ جاري آهي، جيڪو 23 فيبروري تي ختم ٿيندو. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڊي جي فائنانس مانيٽرنگ يونٽ منصور شاهه ڪري رهيو آهي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار مفتاح اسماعيل به پيرس ۾ موجود آهي. اجلاس ۾ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ ملڪن خلاف ايڪشن پلان بڻائيندڙ ۽ مني لانڊرنگ خلاف قدمن جو جائزو ورتو پيو وڃي. آمريڪا برطانيا جي مدد سان پاڪستان جو نالو واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر اجلاس کان اڳ پاڪستان خلاف آمريڪي ٺهراءَ تي اتفاق نه ٿي سگھيو. ان سلسلي ۾ نئين رپورٽ فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي جون ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڪوششن بهتر نتيجو ڏنو ۽ پاڪستان جو نالو واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق نه ٿي سگھيو.پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سهڪار ڪرڻ تي پاڪستان پنهنجن دوست ملڪن جو ٿورائتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *