پارليامينٽ جو بڻايل قانون ختم ڪرڻ خطرناڪ هوندو: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جو قانون به عدالتي منظوري جو محتاج ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو آئين آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نواز شريف جو چوڻ هو ته پارليامينٽ جو بڻايل قانون من ماني تعمير سان ختم ڪرڻ خطرناڪ هوندو، پارليامينٽ جي ڪنهن قانون جي تشريح جي ضرورت آهي ته ابهام ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ موڪليو وڃي، پارليامينٽ جو قانون به عدالتي منظوري جو محتاج ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو آئين آهي. اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته آئين رياست جو نظام هلائڻ وارو سڀ کان مقدس دستاويز آهي، آئين جو دستاويز عوام جي چونڊيل نمائندن جو پارليامينٽ ئي بڻائيندو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ادارن جو احترام انهن ادارن جي ڪارڪردگي ۽ احترام سان ٿيندو آهي، پارليامينٽ کي سڄي دنيا ۾ ادارن جي ماءُ سمجهيو ويندو آهي، جج صاحبن جو آئين کي مقدس ۽ مٿانهون دستاويز قرار ڏيڻ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *