نواز شريف ضياءُ الحق جي پيداوار آهي سياست به ان واري پيو ڪري: آصف زرداري

مالا ڪنڊ ايجنسي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف آمر ضياءُ الحق جي پيداوار آهي، هو ان جو شاگرد آهي ۽ ان جي ئي سياست ڪري رهيو آهي. توهان جي دعائن سان سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ پاڪستان جو جهنڊو لڳايو. سخا ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان پنهنجي جهنڊي ۾ شهيدن کي دفن ڪندا آهيون ۽ هميشگ انهن کي ياد ڪندا آهيون، بنا ڪنهن ڊپ جي پختونن کي سڃاڻپ ڏني، اسان کي خبر هئي ته غيرت مند پٺاڻ سڃاڻپ گهرن ٿا، مون کي ڪنهن نه چيو ته پٺاڻن کي سڃاڻپ ڏيو پر مون کي خبر هئي ته اهو ڇا ٿا چاهن. هن چيو ته پيپلز پارٽِ هميشه غريبن جي دل جي ڌڙڪن تي ڪم ڪيو آهي، مون ڳڙهي خدا بخش ۾ عوام جي خدمت جو قسم کنيو، شوباز شريف عوام جو کاڌو ڦري رهيو آهي، سي پيڪ جي انهن کي خبر ئي ناهي. هن چيو ته سي پيڪ مون توهان جي لاءِ ۽ بلوچستان جي ٺاهيو آهي. سڀ توهان جي لاءِ هو پر ڦورو ڦري ويا ۽ آئون انهن کان واپس وٺندس. اهو سڀ عوام کي ملندو جيڪو هنن ڦريو، ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو مشال هڪ ٻارڙ جنهن کي ڪاليج ۾ قتل ڪيو ويو. اهو اهو ئي فلسفو آهي جنهن تي اوهان پنهنجي سياست چمڪائي رهيا آهيو ۽ ان جو ذميوار آئون توهان جي فلسفي کي قرار ڏيندس. پاڪستان ناهي ته ڪجهه به ناهي، 30 لک اسان جا شهري هتي هئا جڏهن جنگ لڳي اسان انهن کي سنڀاليو ۽ بي بي ڪارڊ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ حڪومت ۾ بي بي ڪارڊ کي ڊبل ڪيو ويندو، ڦاٽا لاءِ بي بي آواز اٿاريو، اسان فاٽا کي ڪي پي ڪي جي اندر ڪنداسين ۽ فاٽا کي ان جو حصو بڻائينداسين. هڪ سياست پئي ڪئي وڃي، عوام سان ڪو به مذاق نه هلندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *