ڪرم ايجنسي ۾ مسافر وين ڀرسان ڌماڪو، ٻارن سميت 12 ڄڻا شهيد

ڪرم ايجنسي (اين اين آءِ) ڪرم ايجنسي جي علائقي گودر ۾ مسافر بس ويجهو بم ڌماڪي سان ٻن عورتن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ آدمشماري جي ٽيم جي ٻن ميمبرن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاعن مطابق پارا چنار جي علائقي گودر ۾ دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي رستي جي ڪناري بارودي مواد رکيو هو پاراچنار کان چارسده ويندو مسافر وين جيئن ئي ويجهو پهتي ته دهشتگردن ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪيو واقعي کان پوءِ اتان جي ماڻهن ۽ امدادي اهلڪارن زخمين کي ويجهي واري اسپتال پهچايو اسپتال جي انتظاميه 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي 13 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. زخمين ۾ آدمشماري جي ٽيم جا 2 ميمبر شامل آهن ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن ان علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *