هڪ سوال …

گذريل اربع ڏينهن پاناما پيپرز ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم ۾ پيشي کانپوءِ جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي  ملڪ جي وزير اعظم ميان نواز شريف جي نياڻي مريم نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي ۾ اٽڪل 2 ڪلاڪ جي پيشي دوران هنن جيڪو مون کان پڇيو مون ان جو جواب ڏنو، پنهنجي والد، پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي ڀائرن جي پيشين کانپوءِ باوجود ان جي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ منهنجو نالو نه هو پر اڄ آئون هتي آهيان. درخواستگذار مون تي جيڪي به الزام هنيا وزيراعظم جي زيرڪفالت هجڻ يا ڪو لاڀ پرائڻ جو انهن مان ڪو به ثابت ناهي ٿي سگهيو.  مون جي آءِ ٽي وارن کان آخر ۾ پڇيو ته توهان مون کان جيڪو ڪجهه پڇيو منهنجي ڪوشش هئي ته آئون ايمانداري سان سوالن جا جواب ڏيان پر هڪ سوال منهنجو به آهي ته مون تي الزام ڪهڙو آهي پر هنن وٽ ان جو ڪو به جواب نه هو. هي دنيا جي پهرين جي آءِ ٽي آهي جيڪا ٺهي پهرين آهي ۽ الزام هاڻي ڳولي رهي آهي، اهو ئي سوال منهنجي ڀائرن پڇيو پر انهن وٽ ڪو جواب نه آهي، مون کي خوشي آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي لاءِ ان کان وڌيڪ فخر ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو الزام هڻندڙن جيڪي الزام هنيا آهن اهي ذاتي ڪاروبار بابت آهن ۽ اهي انهن ڏهاڪن سان لاڳاپيل آهن ٽن دورن ۾ هڪ پائي جي ڪرپشن جي ته پري جي ڳالهه آهي پر هن دور ۾ هڪ الزام به لڳائي نه ٿو سگهجي. ان کان وڌيڪ مسلم ليگ (ن)، وزيراعظم ۽ ان جي خاندان جي لاءِ فخر جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. خانداني ڪاروبار جي حوالي سندس موقف هو ته 60ع، 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ خاندان جو ڪاروبار هو، ان ۾ هڪ به سرڪاري رپيو شامل نه هو جو ان جو جواب ڏيڻو پوي. ذاتي ڪاروبار بابت نه ته سوال ٺهي ٿو ۽ نه ئي وري جواب ڏيڻ ٺهي ٿو. ان ڏس ۾ هڪ پئسي جي ڪرپشن يا مني لانڊرنگ يا ڪميشن کي سامهون نه ٿو آڻي سگهجي، ڇو ته ان جو ڪو وجود ئي نه آهي. اسان جي ذمي عوام جو هڪ رپيو به قرض نه آهي، جن تي عوام جا پئسا لٽائڻ جا ڪيسز آهن انهن عدالت کان منع نامو وٺي ورتو آهي.

مون کي ڇا ان ڳالهه جو جواب ملندو ته جن ماڻهن جو سواءِ گهري کائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪاروبار ۽ آمدني جو ذريعو نه آهي اهو شخص چوي ٿو ته آئون هنن کي روئاريندس پر هو ٻڌي وٺي ته روئڻ ۽ جهڪائڻ جي طاقت صرف الله تعاليٰ وٽ آهي ڪنهن انسان وٽ نه آهي، ڪنهن انسان جي اها حيثيت ۽ اوقات نه آهي جو هو ڪنهن کي جهڪائي ڇڏي، اسان جو حڪمران خاندان سان تعلق آهي، پاناما ليڪس پهرين ليڪس نه آهي جنهن ۾ مون کي ملوث ڪيو ويو آهي پر ان کان اڳ ڊان ليڪس به آئي ان ۾ به مون کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سبب صرف هڪ آهي ته پيءُ کي ڌيءَ جو نالو استعمال ۾ آڻي دٻاءُ ۾ آڻي سگهجي، سڀني کي خبر آهي ته اسلامي ۽ مشرقي روايتن ۾ هڪ ڌيءَ والد جي تمام گهڻو ويجهي هوندي آهي ۽ اهو نرم ترين حصو جيڪڏهن والد جي دل ۾ هجي ته اهو فاطمته الزهره وانگر هوندو آهي جيڪڏهن هو علم کڻي ميدان ۾ اچي وڃي ته اهو بيبي زينب عه وانگر هوندو آهي، نواز شريف جي ڌيءَ کي ان جو ڪمزوري سمجهندڙ انشاءَ الله ان کي طاقت سمجهندا،جيڪڏهن ڪير ائين سجهي ٿو ته ڌيئرن کي ائين شامل ڪري هو وزيراعظم نواز شريف کي ڪنهن امتحان ۾ وجهندا ته اهي ٻڌي ڇڏين ته آئون ان شخص جي ڌيءَ آهيان جنهن پنهنجي حق لاءِ بيهڻ سيکاريو آهي ۽ جنهن مون کي تربيت ڏني آهي ته ڪوڙ ۽ ظلم جي آڏو ڪنڌ ناهي جهڪائڻو پر اها ڳالهه اهي ماڻهو نه ٿا سمجهن جن کي ڌيئرن جو قدر نه آهي، جن کي ڌيئرن جي تڪليف ۽ احترام جو احساس نه آهي، جن کي خانداني قدرن جو پتو نه آهي. اسان به فني سببن ۽ استثنيٰ جو سهارو وٺي اقتدار جي ايوان ۾ لڪي ٿي سگهياسين پر ائين نه ڪيو، هاڻي سوال اهو آهي ته پهرين جي آءِ ٽي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا هاڻي وري بقول مريم نواز شريف موجب ته هڪ سوال منهنجو به آهي پر ان جو جواب کيس اڃان تائين ناهي ملي سگهيو ڇا ان سوال جو جواب کيس ملندو. اهو وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ان ڪري جي آءِ ٽي جي فيصلو جو انتظار ڪرڻ ئي بهتر هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *