نواز شريف خلاف اٿي بيهڻ جو فيصلو، هن ڀيري آر اوز اليڪشن ٿيڻ نه ڏبي: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري 2018ع جي چونڊن بابت چيو آهي ته هن ڀيري آر اوز اليڪشن نه ٿيڻ ڏينداسين، 2013ع واري مينڊيٽ وارا خوش فهمي ۾ نه رهن، پنجاب جي محاذ تي ڀرپور تياري سان لهي رهي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارٽي اڳواڻن سان پنجاب اليڪشن پلان تي ڳالهين دوران ڪيو.  اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ پنجاب مان هر سيٽ تي اميدوار بيهارڻ واري حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، پارٽي ۾ نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ٻهراڙي وارن علائقن کي خاص طور هدف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پ پ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو ته سياسي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري حڪمت عملي الڳ هوندي جڏهن ته چونڊ منشور ۾ عوامي مسئلن کي فوڪس ڪيو ويندو. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اسان ته ڪوڙن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو، ن ليگ به منهن ڏئي، هن چيو ته ن ليگ ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران دئونس تي لهي آئي آهي، نواز شريف عدالتن ۾ ڪيس وڙهڻ بدران عدالتن سان وڙهي رهيا آهن، نواز شريف پاڻ کي بچائڻ لاءِ جمهوريت ۽ عدليه کي ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو، اسان نواز شريف جي برائين خلاف اٿي بيهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، مفاهمت جمهوريت جي لاءِ هئي، نواز شريف جي لاءِ نه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *