حڪومت نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) حڪومت فوج ۽ عدليه کي نئين احتساب قانون ۾ شامل نه ڪرڻ بابت شهباز شريف جي بيان جي حمايت ڪئي آهي. قانون واري وزير زاهد حامد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد حامد چيو ته نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ تي کين خدشا آهن. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو بيان مسلم ليگ ن جي پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته نئين احتساب قانون ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *