بم جي صورت ۾ پيش ڪيل مني بجيٽ پيش….!!!

حڪومت موبائيل فون، چاڪليٽ ۽ ميڪ اپ جي سامان سميت 731 ٻاهران ايندڙ شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن موجب تازي مڇي، خشڪ کير جي درآمد تي 25 سيڪڙو، ڏهي، مکڻ ۽ پنير تي 20 سيڪڙو جڏهن ته کير وارين شين تي 15 سيڪڙو تائين ريگوليٽري لاڳو ڪئي وئي آهي. عورتن جي استعمال هيٺ سامان جهڙوڪ هيئر پن ۽ هيئر ڪلر تي 20 سيڪڙو تائين ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته پرفيوم، ٽوائلٽ اسپري ۽ ڪاسميٽڪس جي ٻين شين تي 20 کان 30 سيڪڙو ريگوليٽري لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ گهرن ۾ استعمال هيٺ ڪاٺ ۽ پلاسٽڪ جي فرنيچر تي 20 سيڪڙو جڏهن ته آفيسن ۾ استعمال هيٺ ڪاٺ ۽ ميٽل جي فرنيچر تي 40 سيڪڙو ريگوليٽري لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪچن جي سامان ۾ مائيڪرو ويو اوون، فروٽ گرينڊر، مڪسر ۽ جوسر مشين تي 20 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي. نين پراڻين ۽ اسپورٽس گاڏين تي 15 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو تائين ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته گهڙين ۽ مختلف قسمن جي هٿيارن تي 20 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.  ان کان سواءِ چمڪدار نمبر پليٽن ۽ نشانن تي به 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. راندين جي سامان ۾ ڪرڪيٽ بال، بيٽ، هاڪي، فٽبال، نيٽ بال، باسڪٽ بال، ٽيبل ٽينس بال ۽ ٻين شين تي 30 کان 50 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ چاڪليٽ، فروٽ، شيمپو، ڊائپر ۽ پالتو جانورن جي درآمد تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريگوليٽري لاڳو ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *