نواز شريف جي گهر ٻاهران احتجاج جي مذمت، ن ليگ وارا پهرين چوندا آهن ته ووٽ کي عزت ڏيو ۽ پوءِ چوندا آهن اسان کي وڃڻ ڏيو:مراد سعيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نواز شريف جي گهر ٻاهران ٿيل احتجاج جي مذمت ڪيون ٿا، ن ليگ وارا پهرين چوندا آهن ته ووٽ کي عزت ڏيو ۽ پوءِ چوندا آهن ته اسان کي وڃڻ ڏيو. اِها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جي تقرير جي جواب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. مراد سعيد چيو ته ليگي اڳواڻ گهر جي ٻاهران احتجاج جون ڳالهيون ڪري رهيا آحن ان کان ته پهرين مڃيو ئي نه ويندو هو، نواز شريف جي ان گهر کي ثابت ڪرڻ ۾ اسان کي 5 سال لڳا، نواز شريف جي گهر ٻاهران ٿيل احتجاج جي مذمت ڪيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته هي ماڻهو عجيب ڳالهيون ڪندا آهن، جيڪي چون ٿا ته ان جي پاڻ ئي نفي ڪن ٿا، پهرين چوندا رهيا ته ووٽ کي عزت ڏيو ۽ هان چون ٿا ته اسان کي وڃڻ ڏيو. هن خواجا آصف جي تقرير جو جواب ڏيني چيو ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ اسان کي سڌو سنئون وڏيون وڏيون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اِهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته لنڊن مان واپسي تي هن کان سوال ٿيندا. وڏا وڏا محل بڻيا پيا آهن هي پاڪستان جو پيسو هو جيڪو لنڊن اچي ويو، هي اِهي ملڪيتون آهن جن جي باري ۾ چيو ويندو هو ته اسان جون لنڊن ۾ ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪي ملڪيتون ناهن. مراد سعيد چيو ته ٻيڙا اسان به ساڙي سگهون ٿا، ڌمڪين جو ڪلچر نه هلندو، اسان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، خواجا آصف وفاقي وزير هوندي متحده عرب امارات مان ڌوٻي يا مزدور جي پگهار وٺندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *