سنڌ ۾مارچ ۾ تبديليون ڏسي رهيو آهيان، مريم جو پرڏيهه وڃڻ نظر نه پيو اچي، ڪابينا ۾ مريم جي لاءِ ڪو ووٽ ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فضل رحمان جي آزادي مارچ ۾ منهنجي سوچ کان وڌيڪ ماڻهو آيا، فضل رحمان منهنجي سوچ کان 4 ڏينهن وڌيڪ اسلام آباد ۾ ترسيو، فضل رحمان پيسا پورا ڪري واپس وريو، شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل رحمان ٻڌائي ته کيس آزادي مارچ مان ڇا هٿ آيو، هو اسان کي ڪنهن نٿو ٻڌائي سگهي ته عالم سڳورن کي ٻڌائي ته کيس ڪنهن استعيفيٰ ملي، ڊسمبر جا 10 ڏينهن گذري ويا، 20 ڏينهن به گذري ويندا، پوءِ فضل رحمان چوندو ته مارچ تائين حڪومت هلي ويندي، تاريخن سان حڪومتون ناهن وينديون، اها فضل رحمان جي ڀل آهي، هاڻ فضل رحمان کي ڪجهه هٿ نه ايندو، ان هائوس تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ اجايا خواب ڏسي رهيا آهن، ڌرڻن ۾ هڪ ڏينهن جا خرچ 10 سالن جي سياست جي برابر آهن، هن وقت سياست ۾ فضل رحمان کان وڌيڪ خراب هال ن ليگ جو آهي، شريف خاندان کي نزلو، زڪام ۽ بخار ٿئي تڏهن به لنڊن وڃن ٿا، کين سرنجون به لنڊن جون پسند اچن ٿيون، نواز شريف جي ڊاڪٽر جو ميڊيڪل به چيڪ ڪنداسين ته هو سياسي ڊاڪٽر آهي يا اصل ڊاڪٽر سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو. هن چيو ته شريف ڀائرن کي آرام لنڊن وڃي اچي ٿو، لنڊن ۾ وڃي ساهه پٽيندڙ ميگا پراجيڪٽ مافيا، چورن ۽ ٺڳن جو ٽولو آهي جيڪو پهريان نواز شريف کي سعوديا وٺي ويو هو ۽ هاڻ اهو ئي ٽولو کيس لنڊن وٺي ويو آهي، جيستائين حالتون نارمل نه ٿينديون آل شريف واپس نه ايندو.

سڀ چئي رهيا آهن ته مريم بي بي پرڏيهه وڃي رهي آهي پر مون کي نٿو لڳي، ڪابينا ۾ مريم جي لاءِ ڪو ووٽ ناهي. تفصيل موجب ريلوي واري وزير شيخ رشيد خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪابينا جي صورتحال ٻڌائي رهيو آهيان،  مريم نواز جي لاءِ ووٽ ناهي، وفاقي ڪابينا ۾ نواز شريف جي لاءِ 16 ووٽ هئا، اڱاري تائين مريم نواز ويندي نظر نه پئي اچي، مريم ڇو خاموش آهي، اِهو سڄي قوم ڄاڻي ٿي، هن جي لاءِ خاموشي ئي بهترين عبادت آهي. هن چيو ته ن ليگ بزدلن جي پارٽي آهي، ڪيڏانهن ويو انهن جو نظريو، بيمار نواز شريف آهي پر شهباز شريف به ٻاهر ويو آهي، ملڪ ۾ ڪو هنگامو نه ٿيو ته شريف خاندان جي وطن واپسي ۾ ڏاڍي دير ڏسي رهيو آهيان. شيخ رشيد چيو ته هر سياست دان جي پٺيان چهرا هوندا آهن، اِهي ئي چهرا انهن کي هلائيندا آهن، عمران خان سڀني کي گڏي راضي نٿو رکي، ڪنهن به اي ٽي ايم کي عمران خان کان خوش ناهي ڏٺو، هر اي ٽي ايم ۾ ڪير نه ڪير ڦاٿل آهي، جنوري ۾ وڏا وڏا ڪيس سامهون اچڻ وارا آهن، ٽرڪن جي حساب سان پيسا به پاڪستان پيا اچن. ريلوي واري وزير چيو ته بلاول ڀٽو اخلاق کان ڪريل جملا چئي رهيو آهي، وزير اعظم عمران خان بابت اهڙا جملا مناسب ناهن، ائين نه ٿئي جو مون کي فرنٽ فٽ ۾ اچڻو پوي، تحريڪ انصاف کي ووٽ ئي احتساب جي لاءِ مليو آهي، احتساب کان پوئتي هٽڻ جو مطلب خان جو سياست ۾ پوئتي هٽڻ هوندو، حمزه ۽ خورشيد شاهه جا ڪييس ڏاڍا سنگين آهن، سنڌ ۾مارچ ۾ تبديليون ڏسي رهيو آهيان، ڪيترن ماڻهن جا ڪيس مڪلم ٿيندا رهيا آهن. هن ٻڌايو ته قمر زمان ڪائره جي لاءِ آصف زرداري وٽ سفارشن ورتيون ويون هيون انهن کي وزير اعظم بڻائي ڇڏيو، اِن هائوس تبديلي جون ڳالهيون ڪندڙ خواب ڏسي رهيا آهن، حڪومت جو 7 آرڊيننس گڏي موڪلڻ ٺيڪ نه هو، چوڌري ڀائر اسان جا سڳا ڀائر آهن هو ڪيڏانهن ناهن وڃي رهيا، وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي جا افواهه بي بنياد آهن، عمران خان جي سرپرستي ۾ حڪومت 5 سال پورا ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *