سنڌ ۾ گونر راڄ وفاق جو خواب آهي، ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ٿيون ته سنڌ حڪومت وڃي ٿي پر اڄ به قائم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ گونر راڄ وفاقي حڪومت جو خواب آهي، ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ٿيون ته سنڌ حڪومت وڃي ٿي پر اڄ به قائم آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نااهل ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ سندس حڪومت عوام جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، رڳو مخالفن کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، حڪومت سياسي مخالفن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي پر اسان ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ٿينداسين. هن چيو ته وزيراعظم ڪرپٽ ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ موبائل ايپ لائچ ڪري رهيو هو پر کيس پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو نظر نه پيا اچن، موبائل ايپ ايوان ۾ ويٺڪ ڪرپٽ ماڻهن کي ڇو نٿي پڪڙي سگهي، بي آر ٽي ۽ مالم جبا ڪيس جي اڄ تائين ڪا جاچ ناهي ٿي. سندس چوڻ هو ته اهي پنهنجي جعلي حڪومت بچائڻ لاءِ سوديبازي ڪندا آهن، عمران خان، نواز شريف کي ٻاهر موڪلي چئي ٿو ته کيس نه ڇڏيندس، ماڻهن توهان کي سڃاڻي ورتو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪيو، عوام ڪٺ پتلي جو تماشو نٿو ڏسڻ چاهي پر مسئلن جو حل گهري ٿو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي سزا ٿي چڪي هئي، جڏهن ته آصف زرداري جي رڳو الزام آهن پر پوءِ به هو جيل ۾ آهي، طبي بنيادن تي نواز شريف کي رليف ملڻ ان جو حق هو، آصف زرداري جي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، ضمانت ٿي ته آصف زرداري کي ڪراچي جي اسپتال ۾ منتقل ڪنداسين، اميد ته عدالت مان انصاف ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *