نواز شريف جي علاج کي دير وارن حربن جي ور چاڙهڻ بدترين ظلم آهي: ن ليگ

اسلام آباد/لاهور (م.ڊ/اين اين آءِ)اسلام آباد(م.ڊ) نواز ليگ نوازشريف کي پرڏيهه مان علاج مشروط اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪندي سڀاڻي سينيئر قيادت جو اجلاس سڏائي ورتو. قانون واري وزير فروغ نسيم جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ن ليگ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 27

ترجمان بيان جاري ڪيو، مريم اورنگزيب بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صحت بابت بيان ۾ چيو آهي ته ان ماڻهو کان سياسي ڀنگ گهريو پيو وڃي جيڪو پنهنجي زال کي موت جي بستر تي ڇڏي ڌيءُ جو هٿ وٺي وطن واپس آيو هو هڪ بيان ۾ هن چيو ته ميان نوازشريف جي صحت سان سياست جي خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي حڪومت صورتحال جي سنگيني جو احساس ڪندي جلد فيصلو ڪري هن چيو ته حڪومت عدالت بڻجڻ جي ڪوشش ڪري عدليه جي توهين ڪري رهي آهي هن چيو ته ميان نوازشڙيف جي صحت تي غور لاءِ ڊاڪٽرن جو هنگامي اجلاس ختم ٿي ويو هن چيو ته داڪٽرن مطابق اسٽيرائڊز جي هاءِ ڊوز ڏيڻ جي ڪري محمد نوازشريف جي صحت تي خراب اثر ظاهر ٿي رهيا آهن هن چيو ته هاءِ اسٽيرائيڊز جي ڊوز ميان نوازشريف جي پليٽ ليٽس کي سفر لاءِ گهربل سطح تي آڻڻ لاءِ ڏني ويئي هئي هن چيو ته اسٽي رائيٽس جي ڳچ مقدار سبب ميان نوازشريف جي صحت تي سائيڊ افيڪٽس ٿيا آهن هن چيو ته اسٽيرائيڊز جي وڌيڪ مقدار ميان نوازشريف کي ٻين بيمارين جي پسمنظر ۾ خطرناڪ آهي ميان نوازشريف جي طبي حالت ۽ علامتن جي جائزي لاءِ شام جو ڊاڪٽرن جو ٻيهر اجلاس ٿيندو هن چيو ته ڊاڪٽر ميان نوازشريف جي صحت جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي دوائن ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي هن چيو ته حڪومت ميان نوازشريف جي صحت تي دير ڪري مجرماڻي غفلت ڪري رهي آهي هن چيو ته ميان نوازشريف جي زندگي 22 ڪروڙ عوام جي امانت آهي.حڪومتي فيصلو عمران صاحب جي تعصباڻي رويي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهي، تنهنڪري ان کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ جهڙو پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. مريم اورنگزيب چيو ته سڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ بابت نون ليگ پنهنجو واضح موقف پيش ڪري چڪي آهي. ن ليگ ترجمان چيو ته حڪومت هڪ پاسي نوازشريف جي صحت ڳڻتي جوڳي هئڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي بدنيتي سان سندس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي. هن چيو ته نوازشريف جي علاج لاءِ هر گهڙي قيمتي آهي. سندس علاج کي دير وارن حربن جي ور چاڙهڻ بدترين ظلم ۽ زيادتي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته شهبازشريف پارٽي جي سينيئر قيادت جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪومتي فيصلي بعد حڪمت عملي بابت سينيئر قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، اجلاس بعد شهبازشريف سڀاڻي منجهند 3 وڳي ڌاري پريس ڪانفرنس به ڪندو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت دير وارن حربن ذريعي نوازشريف جي زندگي سان کيڏي رهي آهي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار بي حس ۽ ڪٺور دل حڪومت هوندي. بئي طرف  اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جو سندس گهر علاج ٿي رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر پليٽس ليٽس جي معاملي تي سخت ڳڻتي ۾ آهن ڊاڪٽرن شريف فئملي کي نوازشريف کي 24 ڪلاڪن ۾ ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي ذريعن موجب نوازشريف جو پنهنجي رهائشگاهه جاتي امره جي شريف ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ علاج ٿي رهيو آهي اسٽريئڊز جي ڊوز جي باوجود نوازشريف جا پليٽس ليٽس 22 جي لڳ ڀڳ آهن ۽ ان صورتحال ۾ ڊاڪٽر سخت پريشان آهن نوازشريف جي جسم تي ٿيل داغ هاڻي وڌي رهيا آهن ٻئي پاسي نوازشريف جو بلڊ پريشر ۽ شگر ليول به مقرر حد کان وڌيڪ آهي ذريعن موجب ڊاڪٽرن جي نوازشريف جي گهرڀاتين سان مشاورت ٿي رهي آهي ۽ خاندان کي راءِ ڏني ويئي ته جيڪڏهن ٻاهر وڃڻ ۾ وڌيڪ دير ٿي ته اڳوڻي وزيراعظم جي حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب نوازشريف جو وزن گذريل ٻن ڏينهن کان گهٽجي ويو آهي جڏهن ته شگر ۽ ٻين بيمارين سبب نوازشريف جي قوت مدافعت گهٽ ٿي ويئي آهي موجوده صورتحال ۾ نوازشريف کي پاڪستان ۾ رکڻ خطري کان خالي نه آهي جيڪڏهن 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير سان کيس روانو ڪيو وڃي ٿو ته وڌيڪ اسٽيرائيڊز ڏيڻ به خطرناڪ ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *