سنڌ حڪومت جو وفاق خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن تحت هڪ ڏوهاري جنهن 50 ملين رپين تائين گهوٻيون ڪيون آهن کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني وڃي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 35

ڪري رهي آهي ۽ هن چيو ته وفاقي حڪومت جي قومي احتساب آرڊينيننس 1999 ۾ ترميم موجب 50 ملين رپين تائين گهوٻين/غبن ڪندڙ ڏوهاري کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني ويندي. هن چيو ته اهو خصوصي جيل مينوئل جو معاملو آهي ۽ وفاقي حڪومت اهڙي طرح جي ترميم ڪرڻ جي مجاز نه آهي ان ڪري صوبائي حڪومت ان کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ بارادري ۾ ڪراچي واٽر بورڊ کي 20 سڪش ۽ هائي پريشر جيٽنگ مشينن سپرد ڪرڻ واري تقريب کانپوءِ ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آرڊينيننس ۾ قلم 10 شامل ڪئي آهي جنهن تحت ڄاڻايل ڏوهاري جنهن 50 ملين رپين تائين گهوٻي ڪئي آهي ان کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪي آهي ته 18هين آئيني ترميم ڪو آسماني صحيفو نه آهي جو ان ۾ ترميم نه ٿي سگهي. آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان ضرور ترميم ڪري سگهو ٿا پر اها ترميم صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي پر اوهان (وفاقي حڪومت) کي اها ترميم ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت تي اهو الزام آهي ته هو ڪي فور جي الائنمنٽ ۾ تبديلي ڪري رهي آهي پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته صوبائي حڪومت الائنمنٽ بابت ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪئي آهي. منصوبو ضرور مڪمل ٿيندو جنهن لاءِ آئون سخت محنت ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ايس-ٿري منصوبو به مڪمل ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت ڪي فور تي ايف ڊبليو او جيڪو هڪ سٺي ساک رکندڙ ادارو آهي سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي ۽ گهڻو جلد اتي ڪم شروع ٿي ويندو. مراد علي شاهه ڄامشورو-سيوهڻ ٻه سانگي منصوبي جي مثال ڏيندي چيو ته کيس حڪومت پنهنجي حصي جا ست ارب رپيا اڳ ئي وفاقي حڪومت کي ڏئي چڪي آهي تنهن هوندي به روڊ کي ٻٽو ڪرڻ وارو ڪم تمام سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهو ته وفاقي حڪومت جو رويو آهي. هن ياد ڏياريندي چيو ته هن (وزيراعظم عمران خان) 162 ارب رپين واري پيڪيج  جو اعلان ڪيو هو حالانڪه آئون ان پروگرام ۾ نه هوس پر مونکي اها ڄاڻ ملندي خوشي ٿي ته منهنجي شهر کي هڪ سٺو ترقياتي پيڪيج ملي رهيو آهي پر اهو اعلان رڳو اعلان جي حد تائين ئي محدود رهيو ۽ ان حوالي سان هينئر تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري رهي آهي. هن چيو ته غريب ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو به نٿا کائي سگهن. ڀاڄين جي ملهه ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هي (ناڻي بابت وفاقي صلاحڪار ) چوي پيو ته ڀاڄين واري مارڪيٽ ۾ ٽماٽا 17 رپيا ڪلو آهي جيڪا هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي.  گورنر سنڌ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو سنڌ ۾ رهي ٿو جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. هو گورنر هائوس آهي ۽ گورنر کي اتي رهڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. هن چيو ته جيتري تائين گورنر هائوس جون ڀتون ڪرائڻ جو سوال آهي ته کيس حڪومت ان لاءِ هرگز اجازت نه ڏيندي. وڏي وزير آئين جي آرٽيڪل 105 جو حوالو ڏيندي چيو ته گورنر وڏي وزير جي ايڊوائيز تي ڪم ڪرڻ جو پابند آهي. اهو تمام آسان آهي ۽ ان ۾ ڪوبه فرق نه آهي جيڪڏهن هر هڪ پنهنجي آئيني ڪردار کي فالو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *