اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ختم، پلان بي شروع، شاهراهون بند ڪرڻ جي هدايت

چمن/اسلام آباد (م.ڊ) جي يو آءِ جو پلان اَي وارو اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ختم، مولانا فضل الرحمان پلان بي تي عملدرآمد اعلان ڪري ڇڏيو. ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مقامي قيادت جي هدايتن تي عملدرآمد ڪرڻ جو حڪم. جي يو آءِ جو آزادي مارچ 13 ڏينهن اڳ ڪراچي مان نڪتو هو، جيڪو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 21

اسلام آباد پهچڻ بعد ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ويو هو. مولانا فضل الرحمان مارچ کي پلان اي قرار ڏنو هو، اڄ خطاب ڪندي پلان بي تي عملدرآمد جو اعلان ڪيو. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پلان بي تحت اڳتي وڌن ۽ شاهراهون بلاڪن ڪرڻ واري احتجاج ۾ حصو وٺن.هن چيو ته ڪارڪن شهرن ۾ ڪو به رستو بند نه ڪن، ته جيئن عوام پريشان نه ٿين، شهرن کان ٻاهر قومي شاهرانن تي ڌرڻا هنيا وڃن. هن چيو ته حڪومتي ڌريون سوچي رهيون هيون ته مارچ ۾ شامل ماڻهو اٿي ويندا ته حڪومت لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، پر هاڻي گهٽي گهٽي ۾ احتجاج ٿيندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪِرندڙ ڀت کي هڪ وڌيڪ ڌِڪو ڏيڻ جو انتظار آهي.هن چيو ته آزادي مارچ جو مرحلو ڪيترو پرامن هو، سڄي دنيا ڏسي ڇڏيو ته اسان ڪيترا منظم آهيون، اڳتي به پرامن رهڻو آهي. جمعيت علماءِ اسلام ( جي يو آءِ ف) جي قيادت ۾ مخالف ڌر جماعتن جي آزادي مارچ جو اڄ 14هون ڏينهن آهي، آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ايڇ نائن گرائونڊ ۾ موجود آهن، مولانا فضل الرحمان جي پلان بي واري اعلان کانپوءِ جي يو آءِ ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي ڪارڪنن رڪاوٽون وجهي ڪوئٽا چمن شاهراهه ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن رڪاوٽون وجهي سيد حميد ڪراس کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، مولانا واسع جو چوڻ آهي ته احتجاج جي پلان بي تي بلوچستان ۾ عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *