نواز شريف اسيمبلي ۾ لکيل تقرير پڙهي، نواز شريف وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو جيڪو فيصلو ٿيندو اسان کي قبول هوندو، اسحاق ڊار جي اعترافي بيان کي پڙهيو وڃي ته سڄي مني ٽريل موجود آهي، سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسميبلي ۾ تقرير ۾ نواز شريف واضح چيو آهي ته اسان وٽ سڀ دستاويز آهن، جڏهن چاهيندو پيش ڪنداسين، جڏهن ته هاڻ انهن جا بيان تبديل ٿيندا پيا وڃن، اڄ ان جو وڪيل چئي رهيو آهي ته دستاويز نه آهن، هن وقت ڪيش ۾ ڪاروبار ٿيندو هو ان کي خبر نه هئي ته سپريم ڪورٽ ۾ تلاشي ٿيندي، ان لاءِ بيان تبديل ٿيندا پيا وڃن، هن چيو ته اسان شروع کان چئي رهيا آهيون ته گلف اسٽيل نقصان ۾ هئي ته انهن وٽ پيسو ڪٿان آيو، اسحاق ڊار جو اعترافي بيان آهي اهو مني ٽرائيل آهي، ان کي پڙهيو وڃي ته ان جي بيان ۾ سڄي مني ٽريل موجود آهي. هن چيو ته بي بي سي جرمن اخبار آءِ سي آءِ جي چئي رهيا آهن ته مني لانڊرنگ ٿي آهي، جڏهن ته هتي سڀ ادارا آمريت وانگر ڪنٽرول ۾ آهن ته توهان ڪنهن جي طاقت ۽ ڏوهه کي پڪڙي نٿا سگهو، جڏهن وزيراعظم پنهنجي ڪرپشن بچائي ٿو ته پاڻ سان طاقت جي به ڪرپشن بچائي ٿو، هن ملڪ جو ڇا مستقبل آهي جتي ايف بي آر ڪاغذ ٺاهي رهي آهي، نيب ان جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *