بندوق جي زور تي ڪنهن کان ڪوبه بيان وٺي سگهجي ٿو، اسحاق ڊار کان اٽڪ جيل ۾ ورتل بيان جي ڪابه اهميت نه آهي: انوشا رحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) انفارميشن ٽيڪنالوجي جي مملڪتي وزير انوشا رحمان چيو آهي ته بندوق جي زور تي ڪوئي به بيان وٺي سگهجي ٿو اسحاق ڊار کان اٽڪ جيل ۾ ورتل بيان جي ڪابه اهميت نه آهي اسٽيج تي جمريون هڻڻ سياست نه آهي عمران خان کي پنهنجي ڪاري ناڻي جو پئسو اڇو ڪرڻ تي به شرم نٿو اچي پانامه ڪيس جي ٻڌني دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي انوشا رحمان چيو ته اسٽيج تي جمريون هڻڻ ڪا سياست نه آهي تحريڪ انصاف جي سياست پاڪستان جي بنيادي مسئلن جي لاءِ نه پر وزيراعظم جي خاندان جي ڪردارڪشي آهي انهن جي بندوقن جو رخ پهريان نوازشريف، پوءِ مريم نواز ۽ هاڻي اسحاق ڊار ڏانهن آهي حديبيه پيپر ملز جو معاملو گذريل 25 سالن کان بحث هيٺ اچي رهيو آهي حديبيه پيپر ملز مرده گهوڙو آهي انوشا رحمان چيو ته آمريت جي دور ۾ اهڙا بيان سنجيده نه هوندا آهن هن چيو ته اسان انصاف جي اميد رکون ٿا حديبيه پيپر مل ڪيس کي 13 ججن ٻڌو ۽ ختم ڪيو ان لاءِ هاڻي ان کي دفن ڪرڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي دانيال عزيز چيو ته پانامه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ٿي چڪي آهي هو ماڻهن جي ذهنن سان کيڏي رهيا آهن ۽ ڪوڙا الزام هڻي ڪيس کي سهارو ڏيئي رهيا آهن جهانگير ترين ۽ عمران خان خود اعترافي بان ڏيئي چڪا آهن مائره حميد چيو ته عمران خان ڪل 5000 ماڻهن جي جلسي ۾ پانامه پيپر وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان جي جلسن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته ان جا پيپر رد ٿي چڪا آهن هن چيو ته آمريڪا ويزا بند ڪرڻ جي حوالي سان عمران خان جو بيان غيرذميوارانه هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *