فرانسيسي سندري مس ڪائنات جو تاج ماڻي ورتو

منيلا (شوبز نيوز) هلندڙ سال مس ڪائنات جو تاج فرانسيسي سندري آئرس متنائري پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو آهي. فلپائن جيشهر منيلا ۾ مس يونيورس جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 13 سندرين فائنل ۾ جڳهه ٺاهي. فائنل ۾ فرانسيسي سندري آئرس متنائري پنهنجي ادائن سان ججن جون کٽيندي مس ڪائنات جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ورتو. ان موقعي تي آئرس متنائري جو چوڻ هو ته منهنجو اهو اعزاز ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ آهي.

Author: Tariq Sandilo