نوازشريف جي رپورٽن جو جائزو ۽ واپسي:پنجاب حڪومت 9 رڪني اسپيشل بورڊ جوڙيو ڇڏيو

لاهور: (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي جائزي ۽ واپسي جي لاءِ اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي.رپورٽ موجب پنجاب حڪومت سينئر پروفيسر تي ٻڌل 9 رڪني اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي جيڪو 5 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو. پروفيسر ڊاڪٽر عارف نديم کي اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جو ڪنوينر بنايو ويو آهي. جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر غياث الاهي طيب، پروفيسر ڊاڪٽر ثاقب سعيد، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حميد، پروفيسر ڊاڪٽر بلال ايس محي الدين کي به بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر عنبرين حامد، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق الرحمان، پروفيسر ڊاڪٽر مونا عزيز ۽ ڊاڪٽر خديجه عرفان خواجه به ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر هوندا. ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي 29 صفحن تي ٻڌل ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو وٺندو ۽ بورڊ 5 ڏينهن جي اندر نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي باري ۾ آگاهي ڏيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *