ميشا شفيع سميت 5 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور(شوبز نيوز)لاهور جي سيشن عدالت ميشا شفيع سميت 5 جوابدارن جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور جي سيشن عدالت ۾ ميشا شفيع ساک کي نقصان رسائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سمورن جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي 50 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالتي فيصلي موجب ميشا شفيع، فيضان رضا، حسيم الزمان، ماهم جاويد ۽ علي گل حاضري کان معافي جي درخواست جمع ڪرائي پر ڌرين طرفان حاضري کان معافي جي درخواست رد ڪئي وئي.لاهور جي سيشن عدالت ميشا شفيع جي ساک کي نقصان رسائڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي جو لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو، لکت فيصلي ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته سمورا جوابدار ايندڙ ٻڌڻي تي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائي پيش ٿين.ٻي پاسي عدالت فريحه ايوب جي درخواست منظور ڪندي چيو ته هن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪجي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *