ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 7 مريض فوت، 3 ھزار 5 سئون کان وڌيڪ ڪيس ظاھر

اسلام آباد: (م.ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 7 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 48 هزار 449 ٽيست ڪيا ويا جن مان 3567 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. پنجاب ۾ 4 لک 50 هزار 686، سنڌ ۾ 4 لک 94 هزار 64، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 81 هزار 996، بلوچستان ۾ 33 هزار 682، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 437، اسلام آباد ۾ هڪ لک 10 هزار 243، جڏهن ته ازاد ڪشمير ۾ 34 هزار 726 ڪيسز رپورٽ ٿيا.
ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 40 لک 32 هزار 951 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 449 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 60 هزار 407 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *