نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس، مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جــِي ٻــُڌڻي ڪئي. ڊي جِي صحت بلوچستان، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبي معائني بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ميڊيڪل رپورٽ بابت کين اڳواٽ ئي ميڊيا ذريعي معلوم ٿي ويو هو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب مک جوابدار سفر نه ٿو ڪري سگهي. وڪيل سهيل راجپوت، پرويز مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض ڪندي گذارش ڪئي ته کين ان جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي ته بحث ڪري سگهجي. عدالت ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي ڌرين کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *