ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۽ ڪياماڙي ۾ رينجرز ۽ پوليس جا مقابلا، 9 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۽ ڪياماڙي وارن علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز سان مقابلن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب سهراب ڳوٺ جي علائقي محمد علي ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ايس ايس پي موجب مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ زبير نالي سان ٿي جيڪو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان فضل الله گروپ سان تعلق رکندو هو ۽ ڊرون حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي فرار ٿي آيو هو. رائو انوار ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پسٽل، هڪ ڪلاشنڪوف ۽ رائفل به برآمد ٿي آهي. ٻئي طرف رينجرز ترجمان موجب گهربل دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪياماڙي جي علائقي ٽاپو ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ويو ته دهشتگردن طرفان رينجرز اهلڪارن تي دستي بم حملو ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ ۽ دستي بم حملي ۾ 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. واقعي بعد رينجرز علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا. رينجرز اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي الياس ڪمشيري گروپ سان هو. مارجي ويلن ۾ ڪراچي ۾ گروپ جو امير فهد به شامل آهن جڏهن ته ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ عمر، طلحا، عبدالرئوف جاويد ۽ حسنين جي نالن سان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *