خواجه آصف جا لفظ حذف ڪيا وڃن: شرين مزاري جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري بچاءُ واري وزير خواجه آصف جا ڪجهه لفظ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيوآهي قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ هن اسپيڪر سردار اياز صادق کي شڪايت ڪئي ته پي ٽي آءِ سربراهه ۽ ميمبرن جي حوالي سان بچاءُ واري  وزير سخت جملا چيا جيڪا ايوان جي ڪارروائي مان ختم ڪيا وڃن ان تي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ کي چيو ته هو سخت جملن جي نشاندي ڪري ان کي ڪارروائي مان ختم ڪيو وڃي، يمن جي صورتحال تي شيرين مزاري چيو ته يمن جي جنگ ۾ شموليت اسان لاءِ ٺيڪ ناهي ڇو ته سعودي درخواست سان ان جي بچاءُ جو ڪوبه تعلق ناهي پي ٽي آءِ اڳواڻ ان موقعي تي سوال ڪيو ته سعودي عرب يمني باغين جي معاملي تي گڏيل قومن ۾ ڇو نه ويو؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *