ننڍن ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ ۽ وڏن چورن کي ڇڏڻ سان ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي: وزيراعظم

ميانوالي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ننڍن ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙيو ۽ وڏن چورن کي ڇڏيو پيو وڃي جنهن سان ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي آهي پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت وڏن چورن ۾ هٿ وڌو هاڻي ڪرپشن گهٽجي رهي آهي سموري صورتحال باوجود اسان 50 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ فراهم ڪري چڪاسين، هر مهيني 80 هزار ماڻهن کي بنا وياج قرض ڏنا ويندا ۽ عورتن کي مينهون، ڳئون، ڪۡڪڙيون ڏينداسين اسان جي ٻارڙن ۽ نوجوانن ۾ وڻڪاري بابت آگاهي ناهي، اسان ٻيلا تباهه ڪيا ته موسمياتي تبديلي مستقبل تباهه ڪري ڇڏيندي ٻارڙن کي وڻڪاري جي اهميت کان آگاهه ڪنداسين اسڪولن ۾ ملڪ جي مستقبل لاءِ وڻڪاري جي اهميت جو سبق رکيو وڃي ٻيلن جي خاتمي جي ذميوارن کي رڳو ڏنڊ نه پر جيلن ۾ به وڌو وڃي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليم جو نظام جي خواهش آهي آچر تي ڪنديان ۾ گرين پاڪستان مهم جي سلسلي ۾ موسم بهار جي وڻڪاري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ مان هتي خاص مقصد لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارڙن ۽ نوجوانن کي احساس ناهي پاڪستان لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي هن چيو ته اڄ ڏک سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته جيڪي ٻيلا انگريز  ڇڏي ويو هو اهي اسان تباهه ڪري چڪا آهيون وزيراعظم چيو ته ڪنديان جو هي ٻيلو به انگريز وڌايو هو ۽ اٽڪل 20 هزار ايڪڙ زمين تي جهنگ ٺاهي ڇڏي ويو جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ايڪڙ حصي تي وڻ لڳايا ويا هئا هن چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪنديان ۾ هڪ وڏو جهنگ ڏٺو هو جيڪو اڄ به ياد آهي پر اڄ جڏهن ته هيليڪاپٽر تان ڏٺو ته وڻ نظر ئي نه آيا. هن چيو ته جهنگ ۾ وڻ ناهن يعني سڄو جهنگ ئي تباهه ڪيو ويو آهي وزيراعظم زور ڀريو ته اسڪولن ۾ ٻارڙن کي علم ڏنو وڃي ته وڻڪاري هن ملڪ لاءِ ڪيتري وڏي اهميت واري ڇو آهي هن چيو ته خدا تعاليٰ اسان کي اهو ملڪ ڏنو آهي ۽ اهڙين نعمتن سان نوازيو آهي پر افسوس سان چوڻو  پئجي رهيو آهي ته اسان مالڪ جو شڪر ادا ناهيون ڪري سگهيا اسان کي اندازو ئي ناهي ته رب سائين اسان کي ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي هن چيو ته عوام مان ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو معلوم آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 مندن سان نوازيو آهي هن چيو ته دنيا جا اهڙا ڪهڙا ملڪ آهن جتي 12 مندو هجن هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ هر قسم جي شيءِ ۽ ميوا پيدا ٿي سگهن ٿا. ان کانسواءِ الله تعاليٰ اسان جي جيڪي درياءَ ڏنا آهن انهن جي پاڻي جو جيڪڏهن اسان صحيح استعمال ڪيون ته پاڪستان سڄي دنيا کي ان ڏئي سگهي ٿو هن چيو ته ملڪ ۾ ڀاڄين ۽ کنڊ ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌيون پر هي شيون ملڪ ۾ ڪڏهن به مهانگيون نه ٿيڻ گهرجن هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي جيڪا زمين مند ۽ پاڻي سان نوازيو آهي اسان سڄي دنيا کي هي شيون موڪلي سگهون ٿا. هتي ته ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي کوٽ نه ٿيڻ گهرجي هن چيو ته اسان جي غلطي آهي جو اسان الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن کي صحيح نموني استعمال ناهي ڪيو وزيراعظم ميانوالي ۾ نمل يونيورسٽي جي قيام تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي عالمي يونيورسٽي بڻجي هتي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڙهڻ ايندا هن چيو ته غريب ڪمزور ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي اسان جو فرض آهي. وزيراعظم چيو ته هر مهيني 8 هزار ماڻهن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن هڪ سال ۾ 50 هزار نوجوانن کي تعليمي اسڪالرشپس به ڏني ويندي.

 

ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن پاڪستان کي قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو چين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو ڏکئي وقت کان ڊڄڻ وارو ڪڏهن به مٿي نه ٿو اچي سگهي، سموري عمر پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي آهي، ڊوڙ ڊڪ ۾ جنون ٽيلينٽ کي پوئتي ڇڏي ڏئي ٿو، هڪ ڀيرو مان چيو  سڪون ته قبر ۾ آهي ته ماڻهن وڏيون ڳالهيون ڪيون دنيا جي سڀ کان وڏي رهنما چيو ته قبر تائين وڃڻ تائين جدوجهد ڪريو، جنهن جا وڏا خواب هوندا اهو اڳتي نڪري ويندو ملڪ کي ترقي يافته بنائڻ جو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آچر تي هتي نمل يونيورسٽي جي ستين يوم تاسيس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم يونيورسٽي جي بورڊ ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون هن چيو ته جڏهن شروع ۾ هن جڳهه جي سونهن ڏٺي ته هتي ٽيڪينڪل انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ لاءِ سوچيو جڏهن ته ان کانپوءِ ان جڳهه جي سونهن ڏسي فيصلو ڪيو ته هتي يونيورسٽي ٺهڻ گهرجي تڏهن منهنجا سمورا ساٿي اهي چئي رهيا هئا ته هتي يونيورسٽي نه ٿي ٺهي سگهي ڇو ته هتي فيڪلٽي نه ايندي تنهن ڪري هو فيڪلٽي ميمبرن جو ٿورائتو آهي کين ڀيٽا پيش ڪيون ٿا شهرن ۾ سهولتون وڌيڪ هجڻ جي ڪري اتي پڙهڻ پڙهائڻ جا موقعا مهيا ٿيندا آهن جڏهن ته انهن ماڻهن هتي پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو جيڪو سندن شوق کي ظاهر ڪري ٿو. ان کي مان هميشه ساراهيو آهي هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن والدين لاءِ خوشي جو موقعو آهي جو انهن جا ٻارڙا هڪ عالمي معيار جي ڊگري کڻي وڃي رهيا آهن مان انهن جي خوشين ۾ شريڪ آهيان وزيراعظم ٽونيءَ جو خاص طور تي ٿورا مڃيا جيڪو لاس اينجلس کان هتي آيو ۽ هن هن اداري جو ماسٽر پلان جوڙيو آهي هاڻي  هي ماسٽر پلان ڏسي لڳي ٿو ته ڪيئن هي يونيورسٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ ناليج سٽي بڻجندي وزيراعظم پڙهي پاس ڪيل شاگردن کي چيو ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، جڏهن شيطان انسان کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته الله تعاليٰ ان کي چيو ته مان انسان کي اها طاقت ڏني آهي جيڪا توکي حاصل ناهي الله انسان کي سڀ کان عظيم مخلوق بڻايو آهي. اسان پنهنجي زندگي ته گذاري وٺون ٿا پر اسان کي ان جو علم ناهي هوندو هن چيو ته مقصد هر انسان جي دل ۾ هوندو آهي دل جيئن چوي ٿي دماغ انهي طرف وڃي ٿو مان پنهنجي زندگي ۾ جيڪي به فيصلا ڪيا اهي رڳو دل جي ڳالهه مڃي ڪيا وزيراعظم چيو ته 9 سالن جي عمر ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو پڪو پهه ڪيو ڪڏهن به ناڪامي جو خوف نه رهيو ۽ پوءِ انهي جذبي سان اسپتال ٺاهي ۽ پاڪستان کي قائداعطم جي جدوجهد ۽ اقبال جي خواب موجب ملڪ ٺاهڻ لاءِ سوچيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ان وقت اسان کي سنگين معاشي للڪاريون هيون ڏکئي وقت ۾ عرب امارات، سعودي عرب ۽ چين پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي لاءِ ساٿ ڏنو ان تي پاڪستان جي عوام پاران انهن جا ٿورائتا آهيون وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات ڏکئي وقت جو ساٿي آهي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي وزيراعظم ان موقعي تي ڪامياب شاگردن ۾ ڊگريون به ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *