سليڪٽِيڊ وزيراعظم ڇهن مهينن ۾ رد ٿي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪرمانواله (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ڇهن مهينن ۾ رد ٿي ويندو. تبديلي سرڪار جي تبديل ٿيڻ جو وقت اچي رهيو آهي سندس ٺيڪو پورو ٿي چڪو آهي، وچ پنجاب جو عوامي رابطا مهم اوڪاڙه کان مارچ جي ٻئي هفتي ۾ شروع ڪئي ويندي. هو بلاول هائوس لاهور ۾ اوڪاڙه جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو وفد ۾ شريڪ هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته ملاقات دوران بلاول چيو ته وچ پنجاب جي عوامي رابطا مهم اوڪاڙه کان مارچ جي ٻئي هفتي ۾ شروع ڪئي ويندي هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ مهانگائي جي جيڪا سونامي آيل آهي ان ۾ حڪومت پاڻ ٻڏي ويندي هن چيو ته پنجاب جيالا جوش ۽ جذبي سان آهن. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر جي عوام کي ضرورت هوندي آهي پر مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر آهي بلاول ڪارڪنن کي چيو ته هن نااهل حڪمرانن کان غريب عوام جي جند آجي ڪرائڻ لاءِ عوام سان وڌ ۾ وڌ ۾ رابطو رکو ته جيئن نااهل حڪومت تمام جلد گهر ڀيڙو ٿي وڃي. بلاول ڀٽو چي وته وزيراعظم عمران خان چوندو هو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ڪرپٽ  هجي ان ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي آهي هاڻي عمران خان ٻڌائي جيڪو ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيل آهي اهو وزيراعظم جي ڪرپٽ ٿيڻ جو ثبوت آهي. هن چيو ته هاڻي وزيراعظم مينهون، ڪڪڙيون، ٻڪريون، آنا ڏئي ملڪ جي معيشت کي آسمان تائين کڻي ويندو. هاڻي اها ئي اسان جي معيشت هوندي جنهن سان اسان دنيا جو مقابلو ڪنداسين هن چيو ته  حڪومت جي نااهلي جي ڪري ان جا پنهنجا به ساٿ ڇڏي رهيا آهن هن چيو ته 2020 عوام جو سال آهي ۽ هن مئچ ۾ عوام ڪامياب ٿيندو حڪمران بولڊ ۽ فولِڊ ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *