پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ جي فرنٽ لائين تي آهي: جنرل قمر جاويد باجوا

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ جي فرنٽ لائين تي آهي آچر تي آٰءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مراڪش جو چئن ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ مراڪش جي بچاءَ واري وزير عبداللطيف لائوڊي سان ملاقات ڪئي، مراڪش جي فوج جو جنرل عبدالفتح لورڪ به ملاقات ۾ موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي دوري دوران پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ دهشتگردي روڪٿام شعبي ۾ به سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون ۽ گڏيل سکيا تي به اتفاق ڪيو ويو آٰءِ ايس پي آر موجب ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاع ، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون ٿيون ان کانسواءِ علائقائي تعاون ۽ استحڪام تي به ڳالهيون ڪيون ويون قمر جاويد باجوا رائل ڪاليج هائير ملٽري ايجوڪيشن جو به دورو ڪيو جتي هن سيڪيورٽي ماحول ۽ ان جي چيلينجز تي ڳالهيون ڪيون آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين تي روشني وڌي آرمي چيف چيو ته پاڪستان خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ قربانيون ڏنيون  پاڪستان مراڪش سان ڏکئي وقت ۾ هميشه گڏ بيٺل رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *