نقيب ڪيس ۾ انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويندا، جاچ شفاف ۽ غير جابندار ڪئي ويندي: اي ڊي خواجا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته نقيب الله ڪيس ۾ انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن محسود قبيلن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪيس جي جاچ شفاف ۽ غير جابندار ڪئي ويندي، پوليس عوام جي تحفظ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي، قانون جو احترام نه رڳو عوام پر پوليس تي به لازمي آهي. اي ڊي خواجا چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو حساب قانون موجب ٿيندو. وفد سان ملاقات ۾ ڊي آءِ جي ڏکڻ آزاد خان ۽ ٻين آفيسر به موجود هئا، جڏهن ته وفد جاچ ڪميٽي ۽ ان جي ميمبرن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *