انتظار قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي: نوجوان پوليس جي فائرنگ ۾ قتل ٿيو، سي ٽي ڊي، معاملي جي حل لاءِ جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن فائرنگ دوران مارجي ويل نوجوان انتظار احمد جو معاملو حل ڪرڻ لاءِ سي ٽي ڊي پوليس ۽ حساس ادارن جي نمائندن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي موجب گڏيل جاچ ۾ اهو پتو لڳايو ويندو ته انتظار جي قتل ۾ ايس ايس پي مقدس حيدر جو ڇا ڪردار آهي؟ فائرنگ ۾ ملوث ايس ايس پي جا ٻه گارڊ اتي ڇا ڪري رهيا هئا؟ انتظار جي گاڏي کي ڇو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي؟ روڪيندڙ پوليس پارٽي ۾ ڪو به اهلڪار وردي ۾ ڇو نه هو؟ فائرنگ ۾ ملوث اهلڪار ذاتي گاڏين ۾ سوار ڇو هئا؟ ۽ ڪار ۾ ويٺل ڇوڪريءَ جو ڇا ڪردار آهي؟. ڪيس جي جاچ آفيسر عامر فاروقي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن انداز سان انتظار احمد جي گاڏي کي روڪيو ويو اهو ڏاڍو شڪي آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ انتظار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. هن چيو ته انتظار کي روڪيندڙ پوليس پارٽي ۾ ڪو به اهلڪار وردي ۾ نه هو، فائرنگ ۾ ملوث اهلڪارن جي استعمال هيٺ گاڏيون سرڪاري نه هيون، پوليس پارٽي قاعدن ۽ تحريري حڪم نامن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي، معاملي کي سمجهڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، اهڙو فيصلو مقتول جي پيءُ سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جا نمائندا شامل هوندا.  سي ٽي ڊي اختيارين انتظار قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائيءَ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو آيه ته انتظار تي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي. انتظار قتل ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي مقدس حيدر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي بابت ٻڌائيندي چيو ته انتظار تي فائرنگ پوليس اهلڪار بلال ۽ دانيال ڪئي، هڪ اهلڪار ايس ايس پي جو پرسنل اسٽاف آفيسر ۽ ٻيو گن مين آهي، جڏهن ته موقعي تي ٻنهي جي موجودگي به قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سي ٽي ڊي جي اختيارين موجب انتظار سان گڏ موجود ناريءَ جو پڻ بيان قلمبند ڪيو ويو آهي،  قتل جو ڪهڙو مقصد هو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاچ ۾ اڃا تائين ڪنهن نئين ڪردار جو نالو سامهون نه آيو آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي موجب مقدس حيدر ۽ مديحا ڪياني بيانن ۾ چيو ته هو هڪ ٻي کي نه ٿا سڃاڻين. هن چيو ته ڪيس ۾ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جو نالو نه آيو آهي، اهڙين اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، جاچ 100 سيڪڙو ميرٽ تي ٿيندي. ذريعن موجب سي ٽي ڊي اختيارين موقعي تي موجود ماڻهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن، جڏهن ته 19 ورهين جي انتظارجي گاڏيءَ ۾ موجود مديحا ڪيانيءَ جو بيان ٻيهر قلمبند ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ايس ايڇ او اي سي ايل سي سميت سمورن پوليس اهلڪارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. انتظار جي والد جو چوڻ آهي ته اڳوڻو ايس ايس پي ۽ مديحا ڪياني جي بيان بعد پوليس نئين ڪهاڻي بڻائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *