چونڊون سڀاڻي ٿين پوءِ به تيار آهيون پر اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جمهوريت لاءِ بهتر آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام گار گند نه پر اشوز جي سياست چاهي ٿو، اسان کي رڳو عسڪريت پسندي تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف وڏي پئماني تي بحث ٿيڻ گهرجي. ڊيووس ۾ ڊي ڊبليو کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شايد وڏيون طاقتون انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف وڙهڻ نه ٿيون چاهين، وڏين طاقتن جون ترجيحون پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد آهن، اسان کي مودي يا ٽرمپ نه پر پاڪستان لاءِ دهشتگردن خلاف وڙهڻو آهي، چار سال پرڏيهي وزير نه هجڻ سبب پاڪستان جو موقف دنيا اڳيان نه آيو. هن چيو ته ملٽري آپشنز تي ته ڪم ٿيو پر نيب تي عمل ناهي ٿيو، سڀ پارٽيون ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف ڏيارڻ چاهين ٿيون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن چونڊون سڀاڻي ٿين پوءِ به اسان تيار آهيون پر اسيمبيلن جو مدو پورو ڪرڻ جمهوريت لاءِ بهتر آهي. شادي بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان نٿو چاهيان ته ڪجهه سياستدانن جيان گهڻيون شاديون ڪيان، سوچي سمجهي رڳو هڪ ئي شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *